Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

اسلامي ڀائر هميشه جي لاءِ هڪ مٺ ڏاڙهي ۽ اسلامي ڀينرون مستقل شرعي پردو ۽ وڏي خوش قسمتي جو مدني برقعو پائڻ جي نيت ڪن. (مرد جو ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ ۽ عورت جو بي پردگي ڪرڻ حرام آهي ۽ فوراً توبه ڪري انهن گناهن کان دور ٿي وڃڻ واجب آهي.)

جُھک گیا کعبہ سبھی بُت مُنہ کے بَل اَوندھے گِرے

دَبدبہ    آمد    کا   تھا  ،  اَھْلاً   وَّ   سَھْلاً     مرحبا

 سنتن ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ جو عظيم مدني نسخو هي آهي ته تمام عاشقانِ رسول اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون روزانو فڪر مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو ڀري هر مهيني جمع ڪرائڻ جي نيت ڪن، هٿ کڻي چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

بدلیاں رَحمت کی چھائیں بُوندیاں رَحمت کی آئیں

اب  مُرادیں  دل کی پائِیں آمدِ شاہِ  عَرَب ہے

 

 تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر نگرانن ۽ ذميدارن سميت ربيع النور شريف ۾ خصوصيت سان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪن ۽ اسلامي ڀينرون ۳۰ ڏينهن تائين روزانو گهر جي اندر (فقط گهر وارن ۾) فيضانِ سنت جو درس جاري ڪن ۽ وري اڳتي به روزانو جاري رکڻ جي نيت ڪن.

لُوٹنے رَحمتیں قافِلے میں چلو

سیکھنے سُنَّتیں قافِلے میں چلو

 پنهنجي مسجد، گهر، دڪان، ڪارخاني وغيره تي ١٢ عدد نه ته گهٽ ۾ گهٽ