Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

فَراهم ڪري ٿو، ان جي برڪت سان لکين ماڻهو گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري نيڪين ڀري زِندگي گُذاري رهيا آهن۔ اوهان به دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مَچايو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم مَدَني مذاڪري ۾ اَوّل تا آخر شرڪت به آهي۔ مَدَني مذاڪري جي ته ڇا ڳالھ ڪجي ان ۾ شيخِ طريقت ،اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه کان پڇيل مُختلف سُوالن جا دِلچسپ جواب ٻڌڻ جي صُورت ۾ عِلمِ دِين حاصل ٿيندو آهي ۽ علمِ دين جي فضيلت ۾ اچي ٿو ته حضرت سَيدُنا ابُوذَرغِفاري رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا: حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي ارشاد فرمايو: اي ابوذر!
(
رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه) توهان جو ان حال ۾ صُبح ڪرڻ جو توهان الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪتاب مان هڪ آيت سکي هجي، اهو توهان جي لاءِ 100 رڪعتون نفل پڙھڻ کان بهتر آهي ۽ توهان جو ان حال ۾ صبح ڪرڻ جو توهان علم جو هڪ باب سکيو هجي جنهن تي عمل ڪيو ويو هجي يا نه ڪيو ويو هجي، ته اهو توهان جي لاءِ 1000 رڪعت نفل پڙھڻ کان بهتر آهي۔ (ابن ماجه، ڪتاب السنة، ج۱، ص۱۴۲، حديث۲۱۹) اوهان به هر هفتي مَدَني مُذاڪري ۾ اَوَّل تا آخر شرڪت کي يقيني بڻايو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مدني مُذاڪري ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪيو،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ خُوب خُوب برڪتون حاصل ٿينديون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪيئي اسلامي ڀائر مدني مُذاڪري جي برڪت سان پنهنجي گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري چڪا آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مون گُناهن کان توبه ڪري ورتي

واه ڪينٽ (پنجاب،پاڪستان) جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته ڪافي نوجوانن وانگر مان به ڪافي اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هئس۔ فلمون