Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

ڪندا رهندا آهن ۽ آئنده به ڪندا رهندا۔ پر اسان کي اجتماعِ ميلاد جي آداب کي به ملحوظ رکڻ گھرجي، جڏهن به اجتماعِ ميلاد ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿئي ته پهريان چڱي طرح غسل ڪري وٺو، صاف سٿرو لباس پايو ۽ ٿي سگھي ته سٺي خوشبو به لڳائي وٺو، پوءِ اجتماع گاھ ۾ پهچي جتي جڳھ ملي اتي ويهي نگاهون جھڪائي، خاموشي سان نهايت ادب واحترام سان ٻڌو ۽ اجتماعِ ميلاد جي اختتام تي سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذِڪر جي تعظيم جي نيت سان بيهي ڪري صلوٰة وسلام به پڙھو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون تمام گھڻيون برڪتون نصيب ٿينديون۔

عالمِ حجاز حضرت شيخ سيد علوي بن عباس مالڪي مڪيرَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه پنهنجي والدِ محترم حضرت سيد عباس مالڪي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه کان هڪ اهڙي شخص جو واقعو نقل ڪن ٿا جيڪو سڄي محفلِ ميلاد بيهي ٻڌندو هو، سندن والد فرمائن ٿا: آئون بيتُ المقدس ۾ ٻارهين شريف جي رات محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هئس، مون ڏٺو ته هڪ پوڙهو شخص آغاز کان وٺي اختتام تائين انتهائي ادب ۽ احترام سان بيهي محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هو، جڏهن ڪنهن سڄي محفل بيهي ٻڌڻ جو سبب پڇا ڪيو ته ان ٻڌايو ته آئون نبي ڪريم ،رؤف  رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ خير ٻڌڻ وقت تعظيماً بيهڻ کي سٺو نه سمجھندو هئس۔ هڪ ڏينهن خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ تمام وڏي اجتماع ۾ شريڪ آهي ۽ ماڻهو نبي ڪريم ،روٌف رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ بيٺا آهن، جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد ٿي ته تمام ماڻهن اِنتهائي ادب ۽ اِحتِرام سان حُضُور جو استقبال ڪيو، پر هو سندن تعظيم ۾ بيٺو نه هو، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي فرمايو: ”تون هاڻي بيهي نه سگھندين“ جڏهن ان جي اک کلي ته ان ڏٺو ته اهو اڃا به ويٺل آهي۔ ان