Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

           حضرت سيّدنا شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: بيشڪ سرورِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت واري رات شب قدر کان به افضل آهي، ڇو ته ولادت واري رات سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن دنيا ۾ جلوه گر ٿيڻ جي رات آهي، جڏهن ته لَيۡلةُ القدر سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيل رات آهي ۽ جيڪا رات ذاتِ مقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظهور جي ڪري مشرف ٿئي اها رات ان رات کان وڌيڪ شرف ۽ عزت واري آهي جيڪا ملائڪن جي نازل ٿيڻ سبب مشرف آهي.             (مَا ثَبَتَ بِا لسُّنّۃص۱۵۳ )

عيدن جي عيد

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۱۲ ربيع النور مسلمانن لاءِ عيدن جي به عيد آهي، يقيناً حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ بَحر ۽ بَر جا بادشاهه بڻجي جلوه گر نه ٿيا هجن ها ته نه ڪا عيد عيد هجي ها، نه ڪا رات شب براءَت، بلڪ ڪائنات جي سڄي رونق ۽ شان ان جانِ جهان، رحمت عالميان، سياحِ لامڪان، محبوب رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن جي مٽي جو صدقو آهي.

وہ جو نہ تھے تو کچھ نہ تھا وہ جو نہ ہوں تو کچھ نہ ہو

جان ہیں وہ جَہان کی جان ہے تو جہان ہے

(حدائق بخشش ص۱۷۸)

 

* سرڪار جي آمد …مرحبا * سردار جي آمد …مرحبا * آمنه جي گل جي آمد …مرحبا *رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا * محبوب جي آمد … مرحبا *پياري جي آمد …مرحبا * سچي جي آمد …مرحبا * سهڻي جي آمد … مرحبا * محبوب جي آمد …مرحبا   * مُختار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي        مرحبا يا مصطفي