Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

v    اَصحابِ ڪهف نماز جي ادائيگي ڪرڻ ۽ سلام کي عام ڪرڻ وارا هئا۔

v    الله عَزَّ وَجَلَّ غار جي قُرب و جوار ۾ هڪ خاص هيبت جي ذريعي اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي حفاظت فرمائي۔

v    مزارات تي وڃڻ ۽ اتي وڃي دعائون ڪرڻ، بزرگانِ دِين عَلَيهمْ رَحمَةُ اللّٰه ِالْمُبِين جو معمول آهي۔

v    مزارات جي قُرب ۾ مسجدون بنائڻ نيڪ ماڻهن جو طريقو رهيو آهي۔

v    اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو ڪتّو، الله عَزَّ وَجَلَّ جي ولين سان نسبت ۽ محبت جو شرف ماڻي ۽ انهن جو ادب ڪري بارگاھ الٰهي ۾ مقبول ۽ جنّتي ٿي ويو۔

v    اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي مبارڪ نالن جي برڪت سان باھ کان حفاظت ٿئي ٿي، اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي  مبارڪ نالن جي برڪت سان سرمايو محفوظ رهي ٿو، اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي  مبارڪ نالن جي برڪت سان ڪشتي ۽ جهاز ٻڏڻ کان محفوظ رهن ٿا، اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي نالن جي برڪت سان ڀڳل شخص واپس موٽي ايندو آهي الغرض انهن ولين جي نالن جي برڪت سان گھڻين ئي پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي۔ الله تعاليٰ اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي طفيل اسان کي اولياء ڪرامعَلَيهم رَحْمَةُ اللّٰه ِالسَّلام جو ادب و احترام ۽ انهن جي سچي پڪي عقيدت ۽ محبت نصيب فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو !بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ