Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ڪهف جي نالن جا فائدا ۽ خاصيتون بيان ڪيون آهن، اچو! اسان به هنن نالن جون برڪتون ٻڌون ٿا،

منقول آهي ته جيڪڏهن اهي نالا لکي ڪري دروازي تي لڳايا وڃن ته گھر سڙڻ کان محفوظ رهندو آهي، مال دولت تي رکيو وڃي ته چوري ناهي ٿيندو، ڪشتي يا جهاز ان جي برڪت سان غرق ناهن ٿيندا، ڀڳل شخص ان جي برڪت سان واپس موٽي ايندو آهي، ڪٿي باھ لڳل هجي ۽ اهي نالا ڪپڙي ۾ ويڙهي وڌا وڃن ته الله جي حڪم سان باھ وسامي ويندي آهي، ٻار جي روئڻ، مُدي واري بخار، مٿي جي سور، اُمُّ الصِّبْيان (يعني خاص قسم جي دماغي جھٽڪن ۽ دورن جي بيماري)،خشڪي ۽ تري جي سفر ۾، جان و مال جي حفاظت، عقل جي تيزي ۽ قيدين جي آزادي جي لاءِ اهي نالا فائدي مند آهن۔([1])

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي صندوق مان نڪرڻ واري تختي ۾ انهن جي نالن جي علاوه اهو به لکيل هو ته اها جماعت پنهنجي دِين جي حفاظت جي لاءِ دقيانوس جي ڊپ مان ان غار ۾ پناھ ورتي آهي، دقيانوس کي خبر ملي ته هڪ ديوار سان انهن کي غار ۾ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اسان اهو حال ان ڪري لکون ٿا ته جيئن جڏهن اها غار کُلي ته ماڻهو انهن جي احوال تي آگاھ ٿين۔ اها تختي پڙھي سڀني کي تعجب ٿيو ۽ ماڻهو الله عَزَّوَجَلَّ جي حمد ۽ ساراھ ڪئي ته ان اهڙي نشاني ظاهر فرمائي، جنهن سان موت کان پوءِ اُٿڻ جو يقين حاصل ٿيو۔ حاڪمِ شهر پنهنجي بادشاھ بَيد رُوس کي ان واقعي جو اطلاع ڏنو، پوءِ بادشاھ به باقي معزز ماڻهن ۽ سردارن کي وٺي حاضر ٿيو ۽ شڪرِ



[1]حاشیہ جمل،پ۱۵، الکھف، تحت الآیۃ: ۲۲، جز ۴،۲/۴۲۳،بتغیر قلیل