Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101 مدني گل مان هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه فرمان مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو:* جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندي مصافحو ڪندا (يعني هٿ ملائيندا) ۽ هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪندا آهن ته الله عَزَّ وَجَلَّ انهن جي وچ ۾ سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي، جنهن مان نوي رحمتون زياده گرم جوشي سان ملڻ واري ۽ سٺي نموني سان پنهنجي ڀاءُ کان خيريت پڇڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔“۔([1])* جڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ هٿ ملائيندا آهن ۽ نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي درود پاڪ پڙهندا آهن ته انهن ٻنهي جي جدا ٿيڻ کان پهريان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گناهه بخشيا ويندا آهن۔([2])

* ٻن مسلمانن جو ملاقات جي وقت سلام ڪري ٻنهي هٿن سان مصافحو يعني ٻئي هٿ ملائڻ سنّت آهي ۔* موڪلائڻ وقت به سلام ڪريو ۽ هٿ به ملائي سگھو ٿا۔³ هٿ ملائڻ وقت درود شريف به پڙهو، ٿي سگھي ته هي دعا به پڙهو؛ ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله عَزَّ وَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرماءِ)) *ٻه مسلمان هٿ ملائڻ جي دوران جيڪي دعائون گھرندا اِنشآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ قبول ٿينديون۔ هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي۔ ([3]) اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ
* پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سان دشمني ختم ٿيندي آهي۔* جيترا ڀيرا ملاقات ٿئي هر ڀيري هٿ ملائي سگھو ٿا ۔* ٻنهي طرفن کان هڪ هڪ هٿ ملائڻ سنّت ناهي، مصافحو ٻنهي هٿن سان ڪرڻ سنّت آهي * ڪي ماڻهو صرف پاڻ ۾ آڱريون



[1]معجم اوسط،۵/۳۸۰،رقم:۷۶۷۲

[2]شعب الایمان،۶/۴۷۱، حدیث:۸۹۴۴

[3]مسند احمد،۴/۲۸۶، حدیث:۱۲۴۵۴