Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

ٿيا: اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! ان کي انڌو ڪري ڇڏ جنهن منهنجي گھر وارن جو ذهن خراب ڪيو آهي ۽ اسان ۾ فتنو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي دُعا جو اثر فوراً ظاهر ٿيو ۽ پاڙيسرين مان هڪ عورت جون اکيون اوچتو بي نور ٿي ويون جيڪا پنهنجي گھر ۾ هئي ۽ اصل ٿيو هينئن جو انهيء عورت اچي سندن جي زوجه محترمه کي چيو هو ته جيڪڏهن تون پنهنجي مڙس کي چوين ته اهي اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا امير معاويه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه کان غلام حاصل ڪري سگھن ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان کي غلام ملي ويو ته اهڙي طرح توهان جي زندگي پُرسُڪون ٿي ويندي۔ ڪجھ نظر نه اچڻ جي ڪري ان گھر وارن کي چيو: توهان ڏيئا ڇو وِسايا آهن؟ گھر وارن چيو: ڏيئا ته ٻري رهيا آهن، شايد! تنهنجون اکيون بي ڪار ٿي ويون آهن، هاڻي اها عورت نهايت پريشان ٿي ۽ جڏهن ان کي خبر پئي ته هي حضرت سَيدُنا ابو مُسلم خولاني رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي دُعا جو اثر آهي ته هوءَ پنهنجي حرڪت تي نهايت شرمسار ٿي ۽ پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان معافي گھري ۽ زار وقطار روئڻ لڳي، ۽ عرض ڪرڻ لڳي: مون کي الله عَزَّ وَجَلَّ جي رضا جي خاطر معاف فرمائي ڇڏيو ۽ اللهعَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ دُعا فرمايو ته منهنجي نظر موٽي اچي، پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي ان تي ترس اچڻ لڳو ۽ پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ ان جي نظر جي لاءِ دُعا ڪئي پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اڃا دُعا کان فارغ به نه ٿيا جو ان عورت جون اکيون روشن ٿي ويون ۽ اها بلڪل ٺيڪ ٿي وئي ۔([1])

نگاہِ ولی میں وہ تاثِیر دیکھی 

بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1]عیونُ الحکایات، ۱/۹۰