Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

اکيون بي نور  ٿي ويون

          حضرت سَيدُنا عثمان بن عطاء رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته حضرت سيدنا ابومسلم خولانيرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جڏهن مسجد کان پنهنجي گھر ڏانهن ويندا هئا ته دروازي تي پهچي الله اَڪبَر جي صدا بلند ڪندا ها، جواب ۾ سندن زوجهء محترمه رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيها به الله اَڪبَر چوندي هئي۔ پوءِ جڏهن پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اڱڻ ۾ ويندا ها ته الله اَڪبَر چوندا ها، جواب ۾ سندن گھرواريءَ به الله اَڪبَر چوندي هئي۔ جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيندا ها ته وري الله اَڪبَر چوندا ها ۽ جواب ۾ سندن زوجه محترمه به الله اَڪبَر چوندي هئي، اهو پاڻرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي هر ڏينهن جو معمول هو هڪ رات جڏهن پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهگھر موٽي آيا ۽ پاڻرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه دروازي وٽ پهتا ۽ معمول مطابق الله اَڪبَر چيو پر جواب نه مليو، پوءِ جڏهن اڱڻ ۾ پهچي الله اَڪبَر چيو تڏهن به جواب نه مليو، جڏهن ڪمري ۾ پهتا ۽ الله اَڪبَر چيائون تڏهن به سندن زوجه جواب ۾ الله اَڪبَر نه چيو، پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي زوجه محترمه سندن کي ماني ڏني ۽ چُپ چاپ زمين تي ويھي رهي، ائين پئي لڳو جيئن هوءَ اوهان سان ناراض آهي، سندن گھر ۾ روشني جي لاءِ ڏيئو تائين نه هو، پر پاڻ پوءِ به صبر ۽ شڪر ڪندڙ هئا۔ جڏهن سندن پنهنجي زوجه کي ناراض ڏٺائون ته ان کان معلوم ڪيائون: اي اللهعَزَّ وَجَلَّ جي ٻانهي! تون ڇو پريشان آهين؟ اهو ٻڌي هوءَ چوڻ لڳي: توهان جو امير المؤمنين حضرت سَيدُنا امير ِمُعاويه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه وٽ وڏو مرتبو آهي، اهي توهان جي نهايت تعظيم ڪندا آهن، جيڪڏهن اوهان اُنهن کان هڪ خادم گھرو ته اُهي ضرور اوهان کي عنايت فرمائيندا، اسان وٽ هڪ به خادم ناهي جيڪو اسان جي خدمت ڪري سگھي، خادم اچي ته اسان کي آساني ٿيندي، اِهو ٻڌي اوهان دُعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ اهڙي طرح بارگاھِ خُداوندي عَزَّوَجَلَّ ۾ عرض گذار