Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

دُعا قبول ٿيندي آهي۔ (فضائلِ دُعا،ص۷۱بتغیر قلیل)  قرآنِ پاڪ ۾ اللهعَزَّوَجَلَّ پنهنجي بارگاھ ۾ وسيلو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ارشاد فرمائي ٿو؛

وَ ابۡتَغُوۡۤا اِلَیۡہِ الۡوَسِیۡلَۃَ: ترجمو ڪنز الايمان: ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو([1]) تنهنڪري دُعائن جي قبوليت جي لاءِ اللهعَزَّوَجَلَّ جي پيارن کي وسيلو بنائڻ گھرجي ۽ ٿي سگھي ته نيڪ ٻانهن کان پنهنجي لاءِ دُعا به ڪرائڻ گھرجي، ڇوته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي دُعاءِ خير ۽ دُعاءِ نقصان ضرور قبول فرمائيندو آهي۔جيئن ته

حضرت الحاج مولانا عبدُ المصطفي اعظمي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: الله تعاليٰ جي محبوب ٻانهن عالمن، ولين، ۽ سمورن نيڪن جي ڪنهن جي خلاف دُعائون گھرڻ نهايت ئي خطرناڪ ۽ هلاڪت ڪندڙ بلائون آهن۔ انهن بزرگن جي دُعاءِ ضَرَر ۽ ڦٽڪار اها تلوار آهي جنهن جي ڪا ڍال ناهي ۽ اهو تباهي ۽ بربادي جو اهو زهر آلود تِير آهي جنهن جو نشانو ڪڏهن خطا ناهي ٿيندو، تنهنڪري هر مسلمان تي لازم آهي ته سڄي زندگي هر هر قدم تي اهو ڌيان رکي ته ڪڏهن به الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن جي شان ۾ ذرّي برابر به بي ادبي نه ٿئي ۽ بزرگانِ دِين مان ڪنهن جي به دُعاءِ ضَرَر( بد دعا) نه وٺو بلڪ هميشه ان ڪوشش ۾ لڳل رهي ته خُداعَزَّ وَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جون دُعائون ملنديون رهن ڇوته نيڪ ٻانهن جون نقصان جي لاءِ دُعائون بربادي جو خوفناڪ سگنل (Signal اِشارو) ۽ انهن جون نيڪ دُعائون آبادي جو مٺو ميوو آهي۔([2])

اچو ان باري ۾ هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو ۽ پنهنجي دل ۾ اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰه ُ السَّلَام  جي مزيد عظمت پيدا ڪيو:

 



[1]پ۶، المائدۃ: ۳۵

[2]کراماتِ صحابہ ،ص۱۳۶