Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

گھرندي؟ چيائين، عرصو گذري ويو پر مُراد پوري ئي نه پئي ٿئي۔ فرمايائون: مان مزارِ پاڪ تي حاضِري ڏئي ٿوري دير ۾ واپس موٽان ٿو جيڪڏهن اکيون روشن ٿيون ته ٺيڪ، نه ته قتل ڪرائي ڇڏيندس۔ اهو چئي فقير تي پهرو لڳرائي بادشاھ حاضِري جي لاءِ اندر ويو۔ هوڏانهن فقير تي گِريو طاري هو ۽ روئي روئي فرياد ڪري رهيو هو: يا خواجه رَحْمَة اللّٰه  ِتَعَالٰي عَلَيه! پهريان ته صرف اکين جو مسئلو هو هاڻي ته جان جو خطرو آهي، جيڪڏهن اوهان ڪرم نه فرمايو ته مارجي ويندس۔ جڏهن بادشاھ حاضري ڏئي واپس موٽيو ته ان جون اکيون روشن ٿي چڪيون هيون۔ بادشاھ مسڪرائي فرمايو ته توهان ايستائين بي دِلي ۽ بي توجُّهي سان دعا گھري رهيا هيو ۽ هاڻي جان جي خوف سبب توهان دل جي تڙپ سان سوال ڪيو ته توهان جي مُراد پوري ٿي وئي۔

ہو چشمِ شِفا اب تو شَہا! سُوئے مریضاں

عِصیاں کے مَرَض نے ہے بڑا زور دکھایا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ولين جي مزارات تي خُلوصِ دل سان انهن جي وسيلي سان ڪيل دُعا به قبول ٿيندي آهي، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته پنهنجي حاجتن جي لاءِ وقتاً فوقتاً اولياء ڪرام رَحْمَة اللّٰه تَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي مزارات تي حاضري ڏيندا رهون ۽ انهن جي وسيلي سان دُعائون گھرون۔ والدِ اعليٰ حضرت، حضرتِ علّامه مولانا نقي علي خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه دُعا جا آداب بيان ڪندي فرمائن ٿا ته الله تعاليٰ جي نالن ۽ صِفتن ۽ ان جي ڪتابن خصوصاً قرآن ۽ ملائڪ ۽ انبياء ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام بالخصوص حضور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي ولين خصوصاً حضور غوثِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه کي پنهنجي حاجتن جي پورو ٿيڻ جي لاءِ وسيلو بڻائي جو محبوبانِ خُدا جي وسيلي سان