Book Name:Yazeed ka bura kirdar

ڀري بُرائين مثال طور شراب نوشي، وياج، گانا باجا، جانورن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ وغيره جهڙن گناهن کي عام ڪيو، اهو بدبخت سِري کان نماز نه پڙھندو هو ۽ جيڪڏهن پڙھندو به هو ته وقت گُذاري پڙھندو هو۔

اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي به يزيد پليد ۾ موجود انهن سڀني برائين کان بچائڻ جي لاءِ، انهن بُرائين جو عملي بائيڪاٽ ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي پاڻ کي دنيا جي محبت ۽ گُناهن کان پري رکڻ گھرجي، الله عَزَّ وَجَلَّ اسان دنيا جي محبت ۽ مال ودولت جي حرص کان محفوظ فرمائي ۽ اسان جي دلين کي راڪبِ دوشِ مصطفيٰ، جگر گوشه مُرتضيٰ، دَلبندِ فاطمه، سلطانِ ڪربلا، سَيدُالشُّهدَاء، اِمامِ عالي مقام،اِمامِ عرش مقام، اِمامِ همام، اِمامِ تِشنه ڪام، شهزاده ڪونين،حضرت سَيدُنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي محبت سان آباد فرمائي ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 



[1]مشکاۃ الصابيح،کتاب الايمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حديث:۱۷۵