Book Name:Yazeed ka bura kirdar

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان خاص ڪري انهن گناهن جي مذمّت ۽ انهن جا نُقصان ٻڌا، جن کي يزيدِ پليد عام ڪيو۔ ياد رکو! گناھ چاهي ننڍو هجي يا وڏو، ان ۾ نقصان ئي نقصان آهي ۽ گناهن ۾ ڪيتري قدر نُحُوست آهي، ان جي تباهي ۽ بربادي جو اندازو هن روايت مان لڳايو،

امير المؤمنين حضرتِ سيدنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو ته توهان الله عَزَّوَجَلَّ جي هن فرمان (پاره8،سورهٔ اَنعام،آيت نمبر:160) مان هرگز ڌوڪي ۾ نه پئو؛

مَنۡ جَآءَ بِالۡحَسَنَة فَلَہٗ عَشۡرُ اَمۡثَالِہَا ۚ وَ مَنۡ جَآءَ بِالسَّیِّئَة فَلَا یُجۡزٰۤی اِلَّا مِثۡلَہَا

(پ 8 الانعام 160)

ترجموڪنزالايمان: جنهن هڪ نيڪي ڪئي ته ان جي واسطي ان جهڙيون ڏهه آهن ۽ جنهن بُرائي ڪئي ته ان کي بدلو نه ملندو مگر ان برابر۔

ڇاڪاڻ ته گناھ باوجود ان جي جو هڪڙو ئي هجي پر ان ۾ ڏھ بُريون خصلتون سمايل هونديون آهن۔

(1) جڏهن ٻانهو گناھ ڪري ٿو ته الله عَزَّوَجَلَّ کي غضب ڏياري ٿو ۽ هو ان کي پورو ڪرڻ تي قدرت (طاقت) رکي ٿو۔ (2) اهو (يعني گناھ ڪرڻ وارو) ابليس ملعون کي خوش ڪري ٿو۔ (3) جنّت کان پري ٿي وڃي ٿو۔ (4) دوزخ جي ويجهو اچي وڃي ٿو۔ (5) اهو پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ يعني پنهنجي جان کي تڪليف ڏي ٿو۔ (6) هو پنهنجي باطن کي ناپاڪ ڪري ويهي ٿو باوجود ان جي جو اهو پاڪ هوندو آهي۔ (7) اعمال لکڻ وارن ملائڪن يعني ڪراماً ڪاتبين کي ايذاءُ ڏي ٿو۔ (8) اهو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي روضي مبارڪ ۾ غمگين ڪري ڇڏي ٿو۔ (9) زمين، آسمان ۽ سڄي مخلوق کي پنهنجي نافرماني تي گواھ بڻائي ٿو۔ (10) هو سڀني انسانن سان خيانت ۽ ربّ العٰلمين عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني ڪري ٿو۔ (بحرالدموع ،الفصل الثاني عواقب المعصية ،ص:۳۰)