Book Name:Yazeed ka bura kirdar

کان سڀ کان پهريان ان جي نماز جي باري ۾ سوال ٿيندو۔ هن حَدِيثِ پاڪ جي تَحت حَضرتِ علّامه عَبْدُالرَّؤف  منَاوِي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  فرمائن ٿا ته بيشڪ نماز اِيمان جي نشاني ۽ عِبادَت جي اصل آهي۔ (التيسيرشرح جامع الصغير،١/٣٩١)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِسلام ۾ جيڪا اَهميت نَماز کي حاصِل آهي اها ڪنهن ٻي عِبادَت کي حاصِل ناهي، نماز اَرڪانِ اِسلام مان هڪ اَهمّ تَرين رُڪن آهي، نماز هڪ نهايت هي عظيم عِبادَت آهي، نماز جنَّت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي، نماز نُور آهي، خُشُوع وخُضُوع سان ٻه رَڪعتون ادا ڪرڻ واري جي لاءِ جنَّت واجِب ٿي ويندي آهي، (صحيح مسلم، رقم ۲۳۴، ص ۱۴۴) ٻه رَڪعت نماز دُنيا ومَافِيھَا (يعني دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي) کان بهتر آهي،نماز الله عَزَّ وَجَلَّ جو پسنديده عمل آهي، نَماز ۾ هر سجدي جي عِوَض هڪ نيڪي لکي ويندي، هڪ گُناھ مِٽايو ويندو ۽ هڪ دَرَجو بُلند ڪيو ويندو آهي، نمازي قيامت جي ڏينهن سَلامتي سان جنَّت ۾ داخل ڪيو ويندو، نماز سان گُناھ ڇڻي پوندا آهن، هڪ نماز پوئين نماز جي دوران ٿيڻ وارن گناهن کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، نمازي خَير ۾ رات گُذارندو آهي، نمازبُرائين کي مِٽائيندي آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به روزانو پنج ئي نمازون مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِ اُولي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ نفل نمازن جي سعادت به نصيب فرمائي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

مَدنی انعامات کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی

یاالٰہی! خُوب برسا رحمتوں کی تُوجھڑی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد