Book Name:Yazeed ka bura kirdar

سالارن جا حيرت ۾ وجھڻ وارن عظيم ڪارنامن کي ڏسي وٺو، جتي به تبديلي آئي، اها ڪنهن اِنقلابي قدم کڻڻ جي سبب آئي۔ مُحَرَّمُ الحَرَام پنهنجي برڪتون لُٽائي رهيو آهي، ان مقدّس مهيني جي 10 تاريخ تي جيڪو عظيم واقعو رُونما ٿيو، ان ۾ اسان جي لاءِ مدني تربيت جا بيشمار مدني گل آهن، لَک سلام! اهلبيت جي انهن عظيم شاهسوارن تي جن جي مٿن تي ظلم و سِتم جا بادل ڇانيل هئا، هر پاسي کان اذّيت ۽ تڪليف جون آنڌھيون هلايون پئي ويون پر ڪنهن جي نماز قضا ناهي ٿيندي، لَک سلام! خاندانِ اهلبيت جي اُن پاڪ دامن بيبين تي جو پنهنجي اکين آڏو رت جو نديون وهندي ڏسي رهيون آهن، پر شريعت جو دامن هٿ مان ناهي ڇڏيو۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي خاندانِ اهلبيت جي صدقي عقلِ سليم عطا فرمائي، ايماني جذبو نصيب فرمائي، پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش جي لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي همٿ ۽ توفيق نصيب فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

قُربان وڃون! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي
دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مدني سوچ تي جو اسان کي هڪ اهڙو عظيم "مدني مقصد" عطا فرمايو آهي جو واقعي جيڪڏهن اسان ان مدني مقصد کي پيشِ نظر رکي زندگي گذارڻ جو پڪو ارادو ڪيون ۽ ان سان گڏوڏ عملي قدم به کڻون ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مسجدون نمازين سان ڀرجي وينديون، هر پاسي سُنّتن جي مدني بهار اچي ويندي، وڏي تيزي سان گناهن جي وهندڙ سيلاب ۾ غلامانِ رسول کي هڪ سهارو ملي ويندو، اهو عظيم "مدني مقصد" ڪهڙو آهي، اچو! گڏجي ان کي دهرايون وٺون ٿا:"مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي