Book Name:Yazeed ka bura kirdar

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايتن جي روشني ۾ معلوم ٿيو، گانا باجا ٻڌڻ حرام آهي۔ پر افسوس جو اسان جي مُعاشري جا ماڊرن مفڪرن ۽ ميوزڪ جي شوقين ان لهو و لَعِب ۽ يادِ الٰهي کان غافل ڪرڻ واري منحوس شيء کي رُوح جي غِذا قرار ڏيندا آهن۔ دَرحقيقت مومن جي رُوح جو غِذا ته ذِڪرُاللٰه آهي، جنهن سان ان کي سُڪون ملندو آهي جيئن ته الله عَزَّ وَجَلَّ سيپاري 13،سُورهٔ رَعْد، آيت نمبر 28 ۾ ارشاد فرمائي ٿو۔

اَلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ تَطۡمَئِنُّ قُلُوۡبُہُمۡ بِذِکۡرِ اللّٰہِ ؕ تَرْجَموڪنز الايمان: اُهي جن اِيمان آندو ۽ اُنهن جُون دِليُون الله جِي ياد سان سڪُون لهن ٿيُون،۔ (پ۱۳،الرعد:۲۸)

ياد رکو! موسيقي رُوح جي غِذا هرگز هرگز نٿي ٿي سگھي بلڪ اها ته سَراسَر رُوح ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ، نمازن ۽ عبادتن جي لذّتن کي تباھ ڪرڻ، شرم و حياء جو خُون ڪرڻ ۽ مسلمانن کي بي پردگي تي اُڀارڻ جو سبب آهي، مَعَاذَاللّٰه گانن جا بعض شعر ته اهڙا به آهن، جن ۾ تمام گھڻا ڪفريات بڪيا ويندا آهن، جنهن کي اسان جھونگاريندا وتندا آهيون ۽ ان ڏانهن اسان جو ڌيان به ناهي ويندو۔الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي گانن باجن جي نحوست کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ هر وقت نعت وتلاوت، سُنَّتن ڀري بيانن، مدني مُذاڪرن ۽ مدني چينل جا ايمان افروز سلسلا ڏسڻ جي سعادت نصيب فرمائي ۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

میں گانے باجوں اور فِلموں ڈِراموں کے گنہ چھوڑوں

پڑھوں نعتیں کروں اکثر تلاوت یا رسول اللہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد