Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

ڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن جي اڳيان مال و اسباب جا ته ڍير جمع ڪندا آهن، پر انهن کي پنهنجي حقيقي توجهه ۽ پيار محبت کان محروم رکندا آهن، انهن وٽ ايترو به وقت ناهي هوندو جو اهي پنهنجي اولاد سان مَحَبَّت ڀريون ڪجھ ڳالهيون ئي ڪري وٺن۔ اهڙي طرح بعض والِدَين اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ٻارن تي اجائي سختي ڪندا آهن، حالانڪ جهڙي طرح هڪ ٻار جي چڱي صحت جي لاءِ متوازن غذا ضروري آهي، اهڙي طرح ٻارن جي بهترين تربيت جي لاءِ والِدَين جو مناسب پيار به نهايت ضروري آهي۔ اچو! ٻارن سان محبت جي اِظهار جا ڪجھ طريقا ٻڌون ٿا:

1.              انهن جي جائز خواهشن کي پنهنجي وُسعت جي مطابق پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي۔

2.              انهن جي ڳالهين کي توجهه سان ٻڌڻ جي عادت بڻائي وڃي، ڪڏهن ڪڏهن ٻار ڪجھ معلوماتي سُوال ڪندا آهن، ان موقعي تي به انهن جي پوري ڳالھ ٻڌڻ گھرجي، ان سان انهن جي حوصله افزائي به ٿيندي ۽ وڌيڪ سکڻ جو ذهن بڻجندو، جڏهن ته فضول گفتگو ڪرڻ کان ننڍپڻ کان ئي انهن کي بچڻ جو ذهن ڏنو وڃي۔

3.              ڪو به چڱو ڪم سر انجام ڏيڻ (مثال طور نماز جي پابندي ڪرڻ، تلاوتِ قرآن ڪرڻ، مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وغيره) تي انهن کي تحفا ڏنا وڃن يا انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي۔

4.              ٻارن کان غلطي ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي پيار ۽ مَحَبَّت سان ئي سمجھايو وڃي۔ ضرورت پوڻ تي سختي به ڪري سگھجي ٿي، پر ياد رهي! ته اجائي ۽ حد کان وڌيڪ غصي جو اظهار ٻارن جي دلين ۾ نفرت جا ٻج پوکي سگھي ٿو۔

اهو به ذهن نشين رهي ته ٻارن سان اجايو لاڏ پيار اوهان جي اولاد سان