Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

جان، مال، اولاد کان وڌيڪ سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت رکي، ڇوته حُضُورعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي مَحَبَّت ئي اصلِ ايمان آهي، ان جي بغير ايمان جي دعويٰ هر گز قابلِ قبول ناهي، آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي نشاني به هي آهي ته ٻانهو انهن سڀني ماڻهن سان به مَحَبَّت ڪري ۽ انهن جو ادب ۽ احترام ڪري جن کي رَسُولُالله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت ۽ تعلق حاصل آهي۔

ياد رکو! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان محبت ڪرڻ محبتِ رسول جي نشاني آهي۔ ازواجِ مطهرات رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهنَّ سان محبت ڪرڻ محبتِ رسول جي نشاني آهي۔ اهلِ بيتِ اطهار رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان محبت ڪرڻ محبتِ رسول جي نشاني آهي۔ حَسَنَينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان محبت ڪرڻ محبتِ رسول جي نشاني آهي۔

ہم کو سارے سیّدوں سے پیار ہے

اِنْ شَاۤءَ اللہ دو جہاں میں اپنا بیڑا پار ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

خود حديثِ پاڪ ۾ پنهنجي اولاد کي اهلِ بيت سڳورن جي محبت سکائڻ جي ترغيب مَوْجُود آهي، جيئن آقا عَلَيه السَّلَام اِرشاد فرمايو: ’’اَدِّبُوْا اَوْلَادَکُمْ عَلٰي ثَلاَثِ خِصَالٍ يعني پنهنجن ٻارن کي ٽي (3) شيون سيکاريو، حُبِّ نَبِيِّکُمْ پنهنجي نبي جي مَحَبَّت، وَحُبِّ اَهلِ بَيتِهٖ ۽ اَهل بيت جي مَحَبَّت، وَقِرَاءَۃِ الْقُرْاٰنِ ۽ قرآنِ پاڪ پڙھڻ۔ (الصواعقُ المُحرقه،المقصدُالثاني فيماتضمنته تلڪ الآيۃ من طلب محبۃ آله،ص۱۷۲)