Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

ڇڏيو ته به حرج ناهي۔ (اَيضاً) | ڪٽيل ننهن بيتُ الخلا يا غسل خاني ۾ اڇلائڻ مڪروهه آهن، جو ان سان بيماري پيدا ٿئي ٿي ۔(اَيضاً) | اربع جي ڏينهن نَنهن نه ڪٽڻ گھرجن، ڇوته ڪوڙهه جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي پر جيڪڏهن اوڻيتاليهه ڏينهن کان نه ڪٽيا هئا، اڄ اربع چاليهون ڏينهن آهي جيڪڏهن اڄ نه ڪٽيا ته چاليهه ڏينهن کان وڌيڪ ٿي ويندا ته اُن تي واجب ٿيندو ته اڄ جي ئي ڏينهن ڪٽي ان ڪري جو چاليهه ڏينهن کان وڌيڪ ننهن رکڻ ناجائز ۽ مڪروهه تحريمي آهي۔ ( تفصيلي معلومات جي لاءِ فتاويٰ رضويه جلد22 صَفحَه 574کان685 جو مطالعو ڪيو) | ڊگها ننهن شيطان جي نشست گاهه آهن يعني انهن تي شيطان ويهندو آهي۔ ۔( اِتحافُ السّادَة للزّبيدي،۲/۶۵۳ )

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پروَردگار

سنّتوں کی تربیت کے قافِلے میں بار بار

         (وسائلِ بخشش،ص۶۳۵)