Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

۽ نيڪي جي دعوت ڏيڻ کان محرومي، ذِلّت ۽ رُسوائي جو مقدر ٿيڻ، اُخروي لَذت کان محرومي، قلبي سُڪون جي بربادي ۽ دولتِ اِخلاص کان محرومي جهڙن نُقصانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، ان ڪري ان کي گھرجي ته دنيا جي بي ثباتي، تعريف پسندي جي مذمت، مَنصَب ۽ مرتبي جي حوالي سان اُخروي مُعاملن ۽ بُزرگانِ دِين جي احوال ۽ اَقوال جو تمام گھڻو مُطالعو ڪري ته جيئن هنن مذموم مرضن کان نجات جي ڪا صورت ٿئي۔

اچو!خُودپسندي ۽ حُبِّ جاه کان بچڻ جي لاءِ ٽي (3) فرامينِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.  ’’جيڪو شهرت طلب ڪندو (قيامت جي ڏينهن) ان جي عيبن جي تشهير ٿيندي ۽ جيڪو شخص ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ عمل ڪندو الله تعاليٰ ان کي ان جو بدلو ڏيندو۔ (بخاري، ڪتاب الرقاق، باب الرياء والسمعة، ۴/۲۴۷، الحديث: ۶۴۹۹)

2.   ’’ٻه بکايل بگھڙ ٻڪرين جي ڌَڻ ۾ ڇڏيا وڃن ته اهي ايترو نُقصان نٿا ڪن جيترو مال ۽ مرتبي جو حرص ڪرڻ وارو پنهنجي دِين جي لاءِ نُقصان دِه آهي۔  (ترمذي،۴/۱۶۶، الحديث: ۲۳۸۳)

3.      ’’جيڪڏهن خُود پسندي انساني شڪل ۾ هجي ها ته اها سڀ کان بد صُورت انسان هجي ها۔ (الفردوس بماثور الخطاب، باب اللام، ۲/۱۹۳، الحديث: ۵۰۶۴)

4.      صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                           صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان اميرُ المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ انڪساري جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت سيدُناابُوبڪرصديقرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان پوءِ سڀني کان افضل ۽ بهتر هئڻ جي بارگاهِ رسالت مان سند عطا ٿي،  پر پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪڏهن فخريه انداز اختيار نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن مسلمان کي حقير سمجھيو، بلڪ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻين مسلمانن کي پاڻ کان بهتر سمجھندا هئا۔ جيئن