Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

واه واه چاهيون ٿا، ڪڏهن ڪڏهن اها خواهش به جوش ڏيندي آهي ته جيڪڏهن اميرن ۽ صاحبِ مَنصب حضرات ۾ به شهرت ملي وڃي ته داد ۽ تحسين سان گڏوگڏ گھڻا انعامات به حاصِل ٿي ويندا! الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 4سوره آلِ عمران آيت نمبر188 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

لَا تَحۡسَبَنَّ الَّذِیۡنَ یَفۡرَحُوۡنَ بِمَاۤ اَتَوۡا وَّ یُحِبُّوۡنَ اَنۡ یُّحۡمَدُوۡا بِمَا لَمۡ یَفۡعَلُوۡا فَلَا تَحۡسَبَنَّہُمۡ بِمَفَازَۃٍ مِّنَ الۡعَذَابِ ۚ وَ لَہُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۱۸۸﴾

 

ترجموڪنز الايمان: هرگِز اُنهن کي نه ڀانءِ جيڪِي پنهنجي ڪَئي تي خوش ٿِين ٿا ۽ گُهرن ٿا ته بِنا ڪم جي اُنهن جِي تعرِيف ٿئي  اِهڙن کي عذاب کان هرگِز پري نه ڄاڻندا ۽ اُنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل تفسير صِراطُ الجنان جلد 2 صفحي 117 تي آهي: هن آيت ۾ خُود پسندي ڪرڻ وارن جي لاءِ وعيد آهي ۽ انهن جي لاءِ جيڪي حُبِّ جاه يعني عزّت، واکاڻ، شهرت حاصل ڪرڻ جي تمنّا ۾ مبُتلا آهن۔ جڏهن ڪنهن شخص جي دل ۾ اها آرزُو پيدا ٿيڻ لڳي ته ماڻهو ان جا شيدائي ٿين، هر زبان انهن جي واکاڻ ڪري، سڀ منهنجي ڪمال جو اعتراف ڪن، مون کي هر جڳھ عزّت کان نوازيو وڃي، عالِم نه آهيان پوءِ به علّامه صاحب چيو وڃي، ملڪ ۽ قوم جي ڪا خدمت نه ڪئي پوءِ به مِعمارِ قوم چيو وڃي، نجات ڏيندڙ سمجھيو وڃي، محسنِ قوم قرار ڏنو وڃي، منهنجو تعارف بهترين لقبن سان ٿئي، مُلاقات پُرتپاڪ انداز ۾ ڪئي وڃي، سلام جُھڪي ڪيو وڃي ته ان کي گھرجي ته پنهنجي دل تي غور ڪري وٺي ته ڪٿي اها حُبِّ جاه جي شڪار ته نه ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ائين هجي ته ان آيت مان سبق حاصل ڪندي تمام جلدي ان کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ڪري۔ ياد رکو! خُود پسندي ۽ حُبِّ جاه جي مرض ۾ مبُتلا شخص اُخروي انعامات کان محروميءَ جو شڪار ٿيندو آهي ۽ دل ۾ مُنافَقت جي زيادتي، قلبي نُورانيت کان محرومي، دين جي خرابي ۾ مبُتلا ٿي ويندي آهي ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ