Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

ملڪ شام ڏانهن تشريف کڻي ويا ته حضرت سَيدُنا ابُوعبيده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  به پاڻ سان گڏ هئا ايستائين جو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ اهڙي هنڌ تي پهتا، جتي گوڏن تائين پاڻي هو، پاڻ پنهنجي اُٺڙي تي سوار هئا، اُٺڙي تان لٿا ۽ پنهنجا جورابا لاهي پنهنجي ڪلهي تي رکي ورتا، پوءِ اُٺڙي جي لغام پڪڙي پاڻي ۾ داخل ٿيا ته حضرت ابُوعبيده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: اي اميرُالمؤمنين! رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ، اوهان جيڪو اهو ڪم ڪري رهيا آهيو، مون کي اهو پسند ناهي ته هتي جا ماڻهو اوهان کي نظر کڻي نهارين۔ حضرت عُمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمايو: ’’افسوس! اي اَبُوعُبيده! جيڪڏهن اها ڳالھ اوهان کان علاوه ڪو ٻيو ڪري ها ته مان ان کي اُمَّتِ محمدي جي لاءِ عبرت بڻايان ها، اسان هڪ غريب قوم هئاسين، پوءِ الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي ذريعي عزّت عطا فرمائي، جڏهن به اسان الله تعاليٰ جي عطا ڪيل عزّت کان عِلاوه (ڪنهن کان) عزّت حاصِل ڪرڻ چاهينداسين ته الله تعاليٰ اسان کي رُسوا ڪري ڇڏيندو۔

(الزواجر عن اقتراف الڪبائر، الباب الاول في الڪبائر الباطنة۔۔۔ الخ، ۱/۱۶۱)

تُو عطا حِلم کی بھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے

 

میرے اَخلاق بھی ٹھیک کر دے

یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

(وسائلِ بخشش،ص138)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ اِنڪساري ته ڏسو جو وقت جو حاڪم ٿي به ڄڻ ان ڳالھ کي ناپسند ڪري رهيا آهن ته ماڻهو مون کي منهنجي منصب جي ڪري عزّت (Protocol) ڏين، مون کي ته بس الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ملڻ واري عزّت ئي ڪافي آهي ۽ ٻيو اسان آهيون جو هر مُعاملي ۾ پنهنجي عزّت ۽ شُهرت ۽ پنهنجي