Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت ۽ عبادت ۾ به زندگي گذاريندو رهي، نه ته جيڪو حاڪم انهن ڪمن کان پاسو ڪندي الله عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني وارن ڪمن جو مُرتڪب ٿيندو ته ان جي دُنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿيڻ جو خوف آهي۔ عام طور جڏهن ڪنهن کي ڪو وڏو عُهدو ملندو آهي ته اهو شڪرِ الٰهي ادا ڪرڻ ۽ ان مَنصب جي تقاضن کي پورو ڪرڻ جي بدران، طرح طرح جي باطني مرضن مثال طور تڪبُّر، خودپسندي ۽ حُبِّ جاه وغيره گناهن ۾ مبُتلا ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سرڪشي ۾ ايتري حد تائين وڌي ويندو آهي جو ماڻهن جا حق تلف ڪرڻ، اُنهن کي ظلم وستم جو نشانو بنائڻ، پنهنجي منصب مان ناجائز فائدو کڻندي قتل ۽ غارت گَري جو بازار گرم ڪرڻ، ان جي نظر ۾ ڄڻ ڪا بُرائي ئي ناهي هوندي ۽ اهڙن گناهن ڀري حالتن ۾ عاجزي ۽ انڪساري ۽ حِلم وبُردباري پيدا ٿيڻ نهايت مشڪل آهي۔ ها دُنيا ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جا نيڪ ٻانها اهڙا به گذريا آهن جيڪي وڏي کان وڏو عُهدو ملڻ جي باوُجُود به عاجزي ۽ انڪساري ۽ سادگي کي اپنائي رکيو۔ اچو! ان حوالي سان حضرتِ سيدُنا عُمَر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ نِوڙَت سان مالا مال چار(4) مدني گل ٻڌون ٿا، جيئن ته

1.      حضرت سيدُنا سعيد بن مُسَيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: اَميرُ المؤمنين حضرت سيدُنا عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن شهر کان ٻاهر ڪٿي سفر وغيره تي ويندا هئا ته راھ ۾ اِستِرَاحَت (يعني آرام) جي لاءِ مٽي جو ڍير لڳائي ان تي ڪپڙو وڇائي ۽ پوءِ آرام ڪندا هئا۔  (مصنف ابن ابي شيبه،حديث۲۱،۸/۱۵۰)

2.      حضرت سيدُنا ذر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان عيد جي ڏينهن مديني جي ڪجھ ماڻهن سان گڏ (نمازِ عيد جي لاءِ) نڪتس ته مون رستي تي امير المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ڏٺو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ (نمازِ عيد جي لاءِ)  پيرين اگھاڙي ئي وڃي رهيا هئا۔(مُسْتَدْرَڪ لِلحاڪم ،حديث۴۵۳۵، ۴/۳۲)