Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

صِنفِ نازُڪ کي بي وُقُوف بڻائي ان جي حُسن وجَمَال کي پنهنجي مالي فائدن کي حاصل ڪرڻ جو ذرِيعو بڻائڻ آهي، جنهن جو مُظَاهرَو فيشن شَوز (Fashion Shows)،بِل بورڊز(Billboards) ۽ اِشْتِهارات (Advertisement) جي ذريعي سرِ عام ٿيندو آهي۔ اهڙي طرح دفترن (Offices)، بينڪن (Banks) ۽ اسپتالن (Hospitals) غرض جتي وڃو خاص ڪري اِستِقبالِيه (Receptions) تي مَاڊرن ڇوڪرين (Modern Girls) کي ئي رکيو ويندو آهي ته جيئن ماڻهن جي توجه حاصل ڪري پنهنجي ڪاروبار (Business) کي تَرَقّي ڏني وڃي بلڪ هاڻي ته مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ نوجوان عورتن سان هٿ ملائڻ (Handshake) تائين کي بُرو مَحْسُوس ناهي ڪيو ويندو۔ اچو! ٻُڌو، جيڪڏهن ڪو بي شرم ۽ بي حيا ڪنهن غير عورت سان هٿ مِلائيندو آهي ته ان جي آخرت ۾ ڪهڙي سزا آهي جيئن ته

غيرعورت سان هٿ ملائڻ جي سزا:

 شهنشاھِ خوش خِصال، پيڪرِ حُسن وجمال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: جنهن به ڪنهن اَجنبيه عورت سان مصافحو ڪيو (يعني هٿ ملايو) اهو قيامت جي ڏينهن اِن حال ۾ ايندو جو اُن جا هٿ  باهه جي زنجيرن سان اُن جي ڪنڌ ۾ ٻڌل هوندا۔“ (نيڪيوں ڪي جزائيں اورگناهوں ڪي سزائيں،ص38)

کرلے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی

آخرت میں ورنہ سزا ہو گی کڑی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عورت جو مختلف ادارن ۾ بي پرده نوڪري (job) ڪرڻ، سنهو لباس پائي بازارن ۽ تفريح گاهن جو رخ ڪرڻ سان بي شرمي ۽ بي حيائي وڌيڪ وڌندي پئي وڃي ۽ ان بي پردگي جي ڪري مَردن ۾ بدنگاهي به عام ٿي رهي آهي ۔اڄ اسان جا نوجوان بدنگاهي جا عادي ٿيندا پيا وڃن، اهي پنهنجي هن گندي مَقصَد جي خاطِر گهٽي پاڙن، بازارن، شاپنگ سينٽرن، تفريح گاهن، اسڪولن، ڪاليجن الغرض جتي جتي بي پرده عورتن