Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

مفسّرِ  شهير حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الْحَنَّان فرمائن ٿا ته ظاهر اهو آهي ته اها بشارت ۽ هدايت سڀني مسلمانن لاءِ آهي ۽ نه رڳو مهاجرن کي يعني جنهن مسلمان جي نيّت مديني پاڪ ۾ مرڻ جي هجي ته اهو اتي ئي مرڻ جي ڪوشش به ڪري ۽ خدا تعالـٰي نصيب ڪري ته اتي ئي قيام ڪري خاص طور تي پوڙهائپ ۾ ۽ بنا ضرورت جي مديني پاڪ کان ٻاهر نه وڃي ته جيئن موت ۽ مدفن به اتان جو ئي نصيب ٿئي۔

وڌيڪ فرمائن ٿا: مون ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏٺو ته ٽيهه چاليهه سالن کان مديني منوره ۾ آهن ۽ مديني پاڪ جي حدن ۽ ايتري تائين جو مديني شهر کان به ٻاهر ناهن ويندا ۽ ان انديشي سبب ته ڪٿي موت نه اچي وڃي، حضرت امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو به اهو ئي دستور رهيو۔

وڌيڪ فرمائن ٿا:(حديث ِ مبارڪه ۾) شفاعت مان مراد خصوصي شفاعت آهي، گنهگارن جا سڄا گناھ بخشائڻ جي شفاعت ۽ نيڪ ڪارن جا وڌيڪ درجا بلند ڪرڻ جي شفاعت، نه ته حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سڄي ئي اُمّت جي شفاعت فرمائيندا۔ خيال رهي! مديني پاڪ ۾ رهڻ به افضل اتي مرڻ به اعليٰ ۽ اتي دفن ٿيڻ به بهتر آهي۔  (مرآۃ المناجيح ، ۴/۲۲۲ ملتقطاً بتغير ٍ قليل)

طیبہ میں مرکے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند

 

سیدھی سڑک یہ شہرِ شَفاعَت نگر کی ہے

(حدائقِ بخشش،ص۲۲۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مديني جي ته ڇا ئي ڳالھ آهي، اهو هميشه کان عاشقن جي دل جي ڌڙڪن بڻيو رهيو آهي، عاشقانِ رسول مديني شريف جو تذڪرو ٻڌندي ئي غمِ مدينه ۾ اشڪبار ٿي ويندا آهن ۽ مديني شريف جي حاضري جي لاءِ تڙپڻ لڳندا آهن، بلڪ يقيناً هزارين عاشقن جي دلي خواهش هوندي ته مديني شريف ۾ پياري آقا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي