Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

۽ اهو خدائيءَ جي دعويٰ ڪندو، جيڪو اُن تي ايمان آڻيندو ان کي پنهنجي جنت ۾ وجھندو ۽ جيڪو انڪار ڪندو ان کي جهنم ۾ داخل ڪندو، مُڙدا زنده ڪندو۔ زمين کي حڪم ڏيندو اها سبزو اُڳائيندي، آسمان تان پاڻي وسائيندو، انهيءَ قسم جا گھڻا شُعبدا (يعني نظر بندي جا تماشا) ڏيکاريندو ۽ حقيقت ۾ اهو سڀ جادو جا ڪرشما هوندا ۽ شيطان جا تماشا، انهيءَ ڪري ان جي اتان ويندي ئي ماڻهن وٽ ڪجھ نه رهندو۔ حرمين شريفين ۾ جڏهن وڃڻ چاهيندو، ملائڪ ان جو منهن ڦيري ڇڏيندا۔ مَدِينَه طَيبَه ۾ 3 زلزلا ايندا ته اتي جا ماڻهو جيڪي ظاهري طور مسلمان بڻيا هوندا ۽ دل ۾ ڪافر هوندا ۽ اهي جيڪي علمِ الٰهي ۾ دجّال تي ايمان آڻي ڪافر ٿيڻ وارا آهن، انهن زلزلن جي خوف کان شهر مان ٻاهر ڀڄندا ۽ ان جي فتني ۾ مبتلا ٿيندا۔ (بهار شريعت،حصه اول، 1/120۔121ملتقطاً) الله عَزَّوَجَلَّ اسان سڀني کي دَجّال جي فتني کان محفوظ فرمائي۔

      اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ جي روشني ۾ اهو به معلوم ٿيو ته حج ۽ عمري جي مُبارڪ سفر جي دوران جيڪڏهن ڪنهن کي موت اچي وڃي ته ان خوش نصيب کي اللهعَزَّ وَجَلَّ جي فضل و ڪرم سان قيامت تائين حج ۽ عمري جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو، ان ڪري اسان کي گھرجي ته مڪي مديني ۾ مرڻ جي تمنّا دل ۾ پيدا ڪيون ۽ ان جي لاءِ دعائون به گھرون، مديني شريف ۾ مرڻ جي ترغيب ته خود اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڏني آهي بلڪ مديني شريف ۾ مرڻ واري خوش نصيب جي لاءِ شفاعت جي خوشخبري به عطا فرمائي آهي۔ جيئن.....

نبي اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مَنِ اسْتَطَاعَ اَنْ يَّمُوتَ بِالْمَدِينَةِ فَلْيَمُتْ بِهَا يعني جيڪو مديني ۾ مري سگهي ته اهو اتي مري، فَاِنِّي اَشْفَعُ لِمَنْ يَمُوْتُ بِهَا ڇوته مان مديني ۾ مرڻ وارن جي شفاعت ڪندس۔

                                 (ترمذي ،ڪتاب المناقب،باب في فضل المدينۃ،۵/۴۸۳،حديث:۳۹۴۳)