Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪندو پوءِ شهرِ مدينه 3 ڀيرا لرزندو ته الله عَزَّ وَجَلَّ   ڪفر ۽ نفاق۾مبتلا هر شخص کي اتان کان ڪڍي ڇڏيندو۔(بخاري،ڪتاب فضائل المدينۃ،باب لايد خل الدجال المدينۃ ،۱/۶۱۹، حديث:  ۱۸۸۱)

﴿2﴾ جيڪو شخص حج جي ارادي سان نڪري ۽ مري وڃي ان جي لاءِ قيامت تائين حج ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو ۽ جيڪو عمري جي ارادي سان نڪري ۽ مري وڃي ان جي لاءِ قيامت تائين عمرو ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو ۽ جيڪو جهاد جي ارادي سان نڪري ۽ مري وڃي ته ان جي لاءِ قيامت تائين جهاد ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو ۔

                              (الترغيب والترهيب ،ڪتا ب الحج ، باب التر غيب في الحج والعمرۃ…الخ، ۲/۷۹،رقم:۱۷۱۸)

اے کاش! مدینے میں مجھے موت یوں آئے

 

چوکھٹ پہ تِری سر ہو مری روح چلی ہو

(وسائلِ بخشش مُرمم،ص۳۱۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته الله عَزَّ وَجَلَّ مڪي ۽ مديني کي ڪهڙين ڪهڙين خصوصيتن سان نوازيو آهي، دجّال جيڪو سڄي زمين کي لتاڙيندو پر ان کي اها مجال نه هوندي جو پنهنجا ناپاڪ قدم مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ رکي سگھي۔

صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دَجّال جي باري ۾ فرمائن ٿا ته چاليھ (40) ڏينهن ۾ حرمَينِ طيبين کان سواءِ تمام رُوءِ زمين جو گشت ڪندو۔ اهو گھڻي تيزي سان سير ڪندو، جيئن بادل جنهن کي هوا اُڏائيندي هجي، ان جو فتنو گھڻو شديد هوندو، هڪ باغ ۽ هڪ باھ ان سان گڏ هوندي، جن جو نالو جنت ۽ دوزخ رکندو، جتي ويندو اهي به ويندا، پر اهو جيڪا ڏسڻ ۾ جنت معلوم ٿيندي اها حقيقت ۾ باھ هوندي ۽ جيڪا جهنّم ڏسڻ ۾ ايندي، اها آرام جي جڳهه هوندي