Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته مڪه مڪرمه جو شان ڪيتري قدر مٿانهون  ۽ اعليٰ آهي جو پاڻ اسان جي پياري پروردگار عَزَّوَجَلَّ پنهنجي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ هن مقدس شهر جو قسم ارشاد فرمايو، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجي اکين ۾ لنڊن ۽ پيرس ڏسڻ جا خواب سجائڻ جي بدران مڪي مديني جهڙي مقدَّس ۽ بابرڪت مقامات جي زيارت جي تڙپ پنهنجي دل ۾ پيدا ڪيون ۽ رات ڏينهن اتان کان تقسيم ٿيندڙ عطائن، نوازشن ۽ لازوال برڪتن سان پنهنجي خالي جھولين کي ڀرڻ جي لاءِ اتي وڃڻ جو سامان ڪيون۔

 وہاں پیارا کعبہ یہاں سبز گنبد

وہ مکّہ بھی میٹھا تو پیارا مدینہ

میں مکےّ میں جا کر کروں گا طوا ف اور

نصیب آبِ زم زم مجھے ہو گا پینا

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص355۔370)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ احاديثِ مبارَڪه انهن مقدَّس شهرن جي فضيلتن سان مالا مال آهن۔ اچو! هاڻي اسان پنهنجي سينن ۾ مڪي مديني جي زيارت جو شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ روحانيت ۽ نورانيت سان ڀرپور هنن شهرن جي برڪتن تي مشتمل 2فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا

﴿1﴾ مڪه مڪرمه ۽ مدينَه منوره کان  علاوه ڪو شهر اهڙو ناهي جنهن کي عنقريب دَجّال لتاڙيندو نه وڃي، جڏهن ته هنن شهرن جي هر راھ تي ملائڪ صفون ٻڌي پهرو ڏئي رهيا هوندا، تنهنڪري اهو هڪ دلدلي زمين تي پڙاؤ