Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مڪه مڪرمه هجي يا مدينه طيبه ٻئي نهايت احترام ۽ تعظيم لائقِ جڳهون آهن، جن جي عظمت و رِفعت ۽ شان و شوڪت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته مڪي ۽ مديني کي ربّ تعاليٰ جن ظاهري ۽ باطني خوبين سان نوازيو آهي اهي ڪنهن ٻي شهر جي حصي ۾ نه اچي سگھيون ۽ ائين ڇو نه هجي جو مڪي شريف ۾ مسلمانن جي عقيدتن جو مرڪز بَيتُ الله شريف موجود آهي ۽ مدينَه منوَّره ۾ سرورِ عالم،نورِ مجسّم، شاھ آدم و بني آدمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روشن مزارِ پُر انوار آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هي اهي مُقَدَّس هنڌ آهن جن جي تعريف ۽ توصيف قراني آيتن ۾ موجود آهي جيئن....

سيپاري 4 سوره آلِ عمران جي آيت نمبر96 ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمانِ عظمت نشان آهي:

اِنَّ اَوَّلَ بَیۡتٍ وُّضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِیۡ بِبَکَّۃَ مُبٰرَکًا وَّ ہُدًی لِّلۡعٰلَمِیۡنَ ﴿ۚ۹۶﴾  (پ۴،آلِ عمران: ۹۶)

ترجَمه ڪنز الايمان: بيشڪ سڀ کان پھريون گھر جيڪو ماڻُھن جِي عبادت لاءِ مقرر ٿيو اُھو آھي جيڪو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ ساري جهان لاءِ رهنما آھي.         

صدْرُ الْافَاضِل حضرت علّامه مولانا سَيد مفتي محمد نعيمُ الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت سڳوري جي تحت فرمائن ٿا ته هن ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ کان پهريون گھر جنهن کي الله تعاليٰ اطاعت ۽عبادت جي لاءِ مقرر ڪيو نماز جو قبلو، حج ۽ طواف جومقام بڻايو جنهن ۾ نيڪين جو ثواب وڌيڪ هوندو آهي اهو ڪعبهٔ مُعَظَّمه آهي جو شهرِ مڪهٔ مُعَظَّمه ۾ واقع آهي۔

سيپاري 30سُوْرَۃُ الْبَلَد جي آيت نمبر1۔2 اور3 ۾ ارشادِخداوندي آهي:

لَاۤ اُقۡسِمُ بِہٰذَا الۡبَلَدِ ۙ﴿۱﴾  وَ اَنۡتَ حِلٌّۢ بِہٰذَا الۡبَلَدِ ۙ﴿۲﴾  وَ وَالِدٍ وَّ مَا وَلَدَ ۙ﴿۳﴾

 (پ۳۰:البلد:۱ تا۳)

ترجَمه ڪنز الايمان: مون کي هن شهر جو قسم جو اي محبوب تون هن شهر ۾ تشريف فرما آهين ۽ تنهنجي پيءُ (ابراهيم) جو قسم ۽ ان جي اولاد جو  (جو تون آهين)