Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

ڪجھ خُصوصيتن جي باري ۾ ٻڌي پنهنجي دل ۾ ان پاڪيزه شهر جي عظمت وڌيڪ وڌائڻ جو سامان ڪيون ٿا جيئن

   اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب’’عاشقانِ رسول جون 130حڪايتون‘‘ ۾ مڪي شريف جون دلنشين خصوصيتون بيان ڪندي فرمائن ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِه وَسَلَّم مڪه مڪرمه زَادَھَا اللهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا ۾ پيدا ٿيا * پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دينِ اسلام جي تبليغ جو آغاز هتان کان فرمايو * ڪعبو پاڪ هتي آهي ۽ انهيءَ جو طواف ڪيو ويندو آهي، ۽ نماز ۾ سڄي دنيا کان ان طرف منهن ڪيو ويندو آهي * مسجد الحرام شريف هتي ئي آهي جنهن ۾ هڪ نماز جو ثواب هڪ لک (100,000)نمازن جي برابر آهي * آبِ زم زم جو کوھ * حَجَرِ اَسۡوَد * مقام اِبراهيم * ۽ صَفاء مَروَه هتي ئي آهن * ميقات کان ٻاهران اچڻ وارا احرام کانسواءِ مڪي ۾ داخل نه ٿا ٿي سگهن * سڄي دنيا مان مسلمان حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هتي ئي حاضر ٿيندا آهن * جيڪو هن پاڪ شهر ۾ داخل ٿي وڃي ته اهو ماڻهو مامون (يعني محفوظ) ٿي ويندو آهي * ڏينهن جو ٿورو وقت هتي جي گرميءَ تي صبر ڪرڻ واري کي جهنم جي باھ کان پري رکيو ويندو آهي * هتي غارِ حِرا آهي جتي رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تي پهرين وحي نازل ٿي * هتي هر موسم جا ميوا ملن ٿا * معراج ۽ چنڊ جا ٻه ٽڪرا ٿيڻ وارا معجزا هن ئي شهر ۾ ظاهر ٿيا * دنيا جو سڀ کان پهريون جبل هتي ئي واقع آهي * پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن پنهنجي ظاهري حيات جا 53 سال هتي گذاريا * حضرت سيدنا اِمام مَهدي جو ظهور مڪة المڪرمه ۾ ٿيندو۔ ۔ 

                                  (عاشقانِ رسول ڪي 130حڪايات مع مڪے مدينے ڪي زيارتيں،ص۲۰۰ بتغير ٍ قليل)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد