Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

نبي اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: آب زم زم هر ان مقصد جي لاءِ آهي، جنهن مقصد جي لاءِ اُن کي پيتو وڃي، جيڪڏهن توهان ان کي شفا جي غرض سان پيئندؤ ته الله عَزَّ وَجَلَّ توهان کي شفا ڏيندو، جيڪڏهن توهان ان کي پناھ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيئندؤ ته الله عَزَّوَجَلَّ توهان کي پناهه عطا ڪندو، جيڪڏهن توهان ان کي پنهنجي اڃ ختم ڪرڻ جي لاءِ پيئندو ته الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي اڃ پوري ڪندو۔ (هن حديثِ پاڪ جا راوي بيان ڪن ٿا ته) حضرت سَيدُنا ابنِ عباس رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهما جڏهن آبِ زم زم پيئندا هئا ته اها دعا گھرندا هئا: اَللّٰھُمَّ اِنِّي اَسْئَلُک عِلْمًا نَافِعًا وَّرِزْقًا وَّاسِعًا وَّشِفَاءً مِنْ کُلِ دَاءٍ يعني اي الله عَزَّوَجَلَّ ! مان توکان نفعو ڏيڻ وارو علم، ڪشاده رزق ۽ هر بيماري کان شفا جو سوال ڪيان ٿو۔(مستدرڪ،ڪتاب المناسڪ،باب ماء زمزم لماشرب له،۲/۱۳۲،رقم:۱۷۸۲)

یہ زم  زم  اُس لئے ہے  جس لئے اس کو  پئے کوئی

            اِسی زم زم میں جنّت ہے اِسی زم زم میں کوثر ہے       (ذوقِ نعت، ص۱۶۰)

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سرزمينِ مڪه کي هڪ نهايت وڏو اعزاز اهو حاصل آهي جو هن مبارڪ سرزمين تي بَيتُ الله شريف جلوه گر آهي، ائين ته جيڪڏهن مڪي شريف کي صرف اهو هڪ شرف حاصل هجي ها ته به ان جي شان و عظمت جي لاءِ ڪافي هو پر قربان وڃجي جو ان کان علاوه به ان پرنور شهر جون فضيلتون ۽ خصوصيتون ايتري قدر گھڻيون آهن جو دل چاهي ٿي، بس بيان ڪندا ۽ ٻڌاندا ئي رهون ڇوته هن شهر ۾ جڳھ جڳھ پياري آقا،مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن پيارن صحابه ڪرام رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْهم سان نسبت رکڻ واريون مُقَدَّس ۽ يادگار مسجدون، کوھ، غار، تعميرات ۽ مزارون وغيره موجود آهن۔

اچو! هاڻي اسان حُصولِ برڪت ۽ نُزولِ رَحمت جي لاءِ مڪي شريف جي