Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ !ٻڌو اوهان ته قطبِ مَڪه مُڪرّمه حضرت مولانا عبدُالحق اِلٰه آبادي مهاجر مڪيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه الله عَزَّوَجَلَّ جا ڪيتري قدر زبردست ولي هئا، باوجود ان جي جو نهايت بيمار آهن ۽ بستر تي تشريف فرما آهن ۽ هلڻ ڦرڻ کان عاجز آهن، ڪمزوري حد کان وڌيڪ وڌي چڪي آهي پر جيئن ته انهن جو جوش ۽ جذبو جبل کان به وڌيڪ مضبوط هو، ۽ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي تڙپ به پنهنجي عروج تي هئي، ڄڻ ته سندن بس اها ئي ڌُن هئي ته

ہر سال یاالٰہی مجھے حج نصیب ہو

 

جب تک جِیوں میں عالمِ ناپائیدار میں

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۷۴)

ان ڪري جيئن ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي حرمِ ڪعبه ۾ وٺي ويا ته اتي پهچندي ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زمزم شريف پي ڪري رَبّ تعاليٰ جي بارگاھ ۾ پنهنجي تڙپ جو اظهار ڪري ڇڏيو، بس پوءِ ڇا ٿيو، بابِ ڪرم کليو، درياءِ رحمت جوش ۾ آيو، انتظار جون گھڙيون ختم ٿيون ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي ڪرم سان اُنهن کي اهڙي قوت نصيب ٿي جو پاڻ پنهنجي پيرن سان هلي عرفات به تشريف وٺي ويا ۽ حج جي سعادت به ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔

تُو نے مجھ کو حج پہ بُلایا

 

یااللہ مِری جھولی بھر دے

گِردِ کعبہ خوب پِھرایا

 

یااللہ مِری جھولی بھر دے

میدانِ عَرفات دکھایا

 

یااللہ مِری جھولی بھر دے

بخش دے ہر حاجی کو خدایا

 

یااللہ مِری جھولی بھر دے

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۲۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان اهو به معلوم ٿيو ته آبِ زم زم اهو برڪت ڀريو پاڻي آهي جنهن کي پي ڪري دُعا گھرڻ سان دُعا مقبول ٿيندي آهي، حديثِ پاڪ ۾ دُعا جي قبوليت کان علاوه آبِ زم زم جا ٻيا به فائدا ۽ ثمرات بيان ڪيا ويا آهن جيئن ته