Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

قدمن ۾ موت اچي ۽ ڇو نه هجي جو مديني ۾ مرڻ جي ترغيب ۽ فضيلت نه صرف حديثِ پاڪ ۾ بيان فرمائي وئي آهي بلڪ اميرُ المومنين حضرتِ سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْه به پنهنجي عمل جي ذريعي اسان کي هن ڳالھ جي تعليم ڏني آهي ته اسان غُلامانِ رسول، مديني ۾ مرڻ جي آرزو پنهنجي دل ۾ پيدا ڪيون ۽ ان جي لاءِ دُعا به گھرون۔

حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کي مٺي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وسلَّم جي ذات سان ۽ ان سان نسبت رکڻ واري هر شيء سان بي حد محبت هئي، خاص ڪري مديني شريف سان ته پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کي بي پناھ محبت هئي، پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جي دلي آرزو هئي ته مون کي موت به ان شهر ۾ اچي جتي منهنجا محبوب آقا صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وسلَّم آرام فرما آهن ته جيئن جھڙي طرح جيئري مهل سندن قُرب حاصل رهيو، مرڻ جي بعد به اهڙي طرح سندن قُرب نصيب رهي، ان ڪري پاڻ رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْه اها دعا گھرندا هئا: اَللّٰهُمَّ ارْزُقْنِيْ شَهَادَةً فِي سَبِيْلِكَ وَاجْعَلْ مَوْتِيْ فِي بَلَدِ رَسُولِک صَلَّي الله عَلَيه وَسَلَّم يعني اي الله عَزَّ وَجَلَّ تو مون کي پنهنجي راھ ۾ شهادت نصيب ڪر ۽ پنهنجي رسول صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ جي شهر ۾ موت عطا فرما۔ (بخاري ،ڪتاب فضائل المدينة، بابڪراھيةالنبي…الخ، ۱/۶۲۲، حديث: ۱۸۹۰)

پوءِ اها دعا قبول ٿي ۽ پاڻرَضِي الله تَعَالٰي عَنْه مدينه منوره ۾ شهادت ماڻي۔ حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جي هن قابلِ رشڪ شهادت جي عظمت بيان ڪندي ۽ ان تي رشڪ جو اظهار ڪندي مُفَسِّرِ شَهير،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جي دعا اهڙي قبول ٿي جو سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ! فجر جي نماز، مسجدِ نَبَوِي، محْرَابُ النّبِي، مصلَّهءِ نبي ۾ شهادت ماڻي۔

 (مراۃ المناجيح ،۴/۲۲۲بتغير قليل)

اے کاش مدینے میں مجھے موت یوں آئے

چوکھٹ پہ تِری سر ہو مِری رُوح چلی ہو

(وسائلِ بخشش مُرَمّم،ص۳۱۴)