Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ روايت ڪن ٿا ته تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ ”جڏهن ٽي ماڻهو سفر تي روانا ٿين ته پاڻ مان هڪ کي امير بڻائن۔ (سنن ابي داؤد ،ڪتاب الجهاد ،باب في القوم يسافرون۔۔۔۔۔۔الخ،الحديث۲۶۰۹،ج۳،ص۵۱،۵۲) | نڪرڻ وقت عزيزن، دوستن سان ملو ۽ انهن کان غلطيون معاف ڪرايو ۽ جن کان معافي گهري وڃي انهن تي به لازم آهي ته دل سان معاف ڪري ڇڏين۔ (بهارِ شريعت،حصه ۶،ص۱۹) اسان جڏهن به سفر تي روانا ٿيون ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي گهروارن ۽ مال کي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪري وڃون، الله تبارڪ و تعاليٰ ئي سڀ کان بهتر حفاظت ڪرڻ وارو آهي۔| سفر جي دؤران الله عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر ڪندا رهو، ريل يا بس وغيره ۾ بِسْمِ الله، اَلله اکبَرُ، اَلْحَمْدُ لِلّٰه ۽ سُبْحَانَ الله سڀ ٽي ٽي ڀيرا، لَا اِلٰه اِلَّا الله هڪ ڀيرو۔

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

عاشقانِ رسول، آئیں سُنت کے پُھول

دینے لینے چلیں، قافلے میں چلو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد