Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

حاجي سڳورا فوت ٿي ويا هئا، ابو عطار حاجي عبدالرحمن به مختصر علالت (بيماري) کان پوءِ ۱۴ذوالْحِجَّة الحرام ۱۳۷۰ھ تي هن دنيا مان لاڏڻو ڪيو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پيءُ جو نيڪ ۽ پرهيزگار هئڻ اولاد جي لاءِ هڪ تمام وڏي نعمت آهي جو پيءُ جيڪڏهن پاڻ نيڪ خصلت هجي، پر حڪمتِ خُدا وندي جي تحت اولاد جي ولادت کان پهريان يا ان جي ننڍپڻ ۾ ئي انتقال ڪري وڃي ته پيءُ جي نيڪين جي برڪت سان ٻار به سڌي راهه تي قائم رهندا آهن جيتوڻيڪ پيءُ کي ٻارن جي تربيت ڪرڻ جو موقعو نه مليو هجي۔

حضرت سيدُنا عبدالله بن عبّاس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا فرمائن ٿا: بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ انسان جي نيڪو ڪاري سان ان جي اولاد ۽ اولاد، دَر اولاد جي اصلاح فرمائيندو آهي ۽ ان جي نسل ۽ ان جي پاڙيسرين ۾ ان جي حفاظت فرمائيندو آهي ۽ اهو سڀ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان پردي ۽ امان ۾ رهندا آهن۔  (تفسيردُرّ مَنثور ج۵ص۴۲۲)

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اميراهلسنّت جا والدِ محترم حاجي عبدالرحمن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيئن ته نهايت متقي ۽ پرهيزگار،خوفِ خدا ۽ سُنَّتن سان مَحَبَّت رکڻ وارا بزرگ هئا، امير اهلسنّت ننڍا ئي هئا جو والدِمحترم جو انتقال ٿي ويو۔ پيءُ جو شفقت ڀريو سايو نه هئڻ ۽ ان جي تربيت کان محروم هئڻ جي باوجود به امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي جا اهڙا پيڪر بڻيا جو سندن نگاھ وِلايت سان لکين بي نمازي،نمازي بڻيا، چور، ڌاڙيل توبه ڪئي، ٻين جون عزّتون خراب ڪرڻ وارا، عزّتن جا محافظ بڻجي ويا، مختلف ڏوهن ۾ مُلَوَّث جيل جي سلاخن پويان زندگي جا اونڌاهي وارا ڏينهن گذارڻ وارا، راهه خدا ۾ مدني قافلن جا مسافر بڻجي سُنّتن جا گل لُٽائڻ وارا مبلغ بڻجي ويا ۔