Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

پلاننگ (Planing) تي غالب آهي، اسان اها ڳالھ وساري ڇڏيندا آهيون پلان(Plan) بنائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ته اسان جو ڪم آهي پر ان مان نتيجو (Result) ڪڍڻ اهو ربِّ ڪائنات عَزَّ وَجَلَّ جي دستِ قُدرت ۾ آهي، يعني اسان توڪل کان مَحروم هوندا آهيون، ان ڪري صحيح نتيجا نه ملڻ تي اسان مايوس ۽ دل لاهي ويهي رهندا آهيون،حالانڪ اسان کي پنهنجي هر هڪ ڪم ۾ توڪل کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي، توڪل کان پاسو ڪرڻ ڪيتري قدر خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو ان جو اندازو هن حِڪايت مان لڳايو جو هڪ ڪفن چور حَضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هٿ تي تَوبه ڪئي، حَضرت بايزيد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قَبرن جي اَحوال جي باري ۾ ان کان سُوال ڪيو ته ان جواب ڏنو: مون تقريباً هزار (1000) قَبرن مان ڪفن چورايا، پر سواء ٻن مُڙ دن جي باقي سڀني جا چهرا قبلي جي طرف کان هٽيل هئا، ته پاڻ
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: انهن ماڻهن کي رِزق جي باري ۾ الله تَعَالٰي تي توڪل نه هو۔ ان ڪري قَبر ۾ اُنهن جا چهرا قبلي کان هٽيل هئا۔ (منهاج العابدين ص: ۱۰۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪرڻ گھرجي ته توڪل کان منهن موڙيندي فقط وسائل ئي کي سڀ ڪجھ سمجھي وٺڻ ڪيتري قدر خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو؟ ان ڪري پاڻ ۾ توڪل پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو! الله  عَزَّوَجَلَّ اسان کي توڪل جهڙي عاليشان صِفَت سميت تمام نيڪ عمل ادا ڪرڻ جي تَوفيق عَطا فرمائي۔

 اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

تُو عَطا حِلم کی بھیک کر دے

 

میرے اَخلاق بھی ٹھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسِطہ ہے

 

یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے