Book Name:Dil ki Sakhti

مدني انعامات تي عمل ڪرڻ نهايت دُشوار محسوس ٿيندو آهي۔ اسان سڀئي غور ڪيون ته ڪٿي گناهن جي نحوست ۽ دل جي سختي جي  نحوست جي ڪري ته ڪٿي ائين ناهي جو اسان نيڪي جي ڪمن ۾ شامل ٿيڻ کان محروم آهيون، ڪٿي ائين ته ناهي جو گناهن جي نحوست ۽ دل جي سختي جي وجه سان اسان کان نيڪين جي توفيق کسجي وئي آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يادرکو!جيڪي به اسلامي ڀائر مدني ماحول کان پري آهن يا ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ ان طرح  جي دِلچسپي نٿا وٺن، جهڙي طرح اڳ ۾ جوش ۽ جذبي سان مدني ڪم ڪندا هئا، اهڙن اسلامي ڀائرن جي باري ۾ ڪڏهن به  بدگماني کي پنهنجي دِل ۾ جڳهه نه ڏيو ته فُلاڻو ته گناهن جي ڪري ان مدني ڪم کان محروم آهي، فُلان ته دل جي سختي جي ڪري هاڻي اهي مدني ڪم نٿو ڪري، بلڪ اسان کي هر مسلمان سان حُسنِ ظن ئي رکڻو آهي۔ اسان کي به هر وقت الله عَزَّوَجَلَّ جي خُفيه تدبير کان ڊڄڻ گھرجي،  ڇوته عملن جو اِعتبار خاتمي تي آهي، الله تعاليٰ اسان کي ايمان ۽ عافيت سان گنبدِ خضريٰ جي سائي ۾ شهادت جو موت نصيب فرمائي، جنّت البقيع ۾ مدفن ۽ جنّت الفردوس ۾ پنهنجي پياري حبيبصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڙي ۾ جڳهه عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّم

مسلماں ہے عطاؔر تیری عطا سے

ہو ایمان پر خاتمہ یا اِلٰہی