Book Name:Dil ki Sakhti

جيڪي ڪڏهن وڏي جوش ۽ جذبي سان قرآنِ ڪريم جي محبت ۾ مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙھندا هئا يا پڙهائيندا هئا، پر هاڻي نيڪي جي هن عظيم مدني ڪم جي لاءِ وقت نٿو ملي، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن جيڪي ڪڏهن هفتيواراجتماع جي لاءِ سڄو هفتو عاشقانِ رسول کي هفتيوار اجتماع جي دعوت ڏيندا رهندا هئا ۽ خود نمازِعصر کان ئي تياري شروع ڪندا هئا، پوءِ ابتداء کان ئي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت، رات اعتڪاف، نمازِ تهجد، صداءِ مدينه، نمازِ فجر ۽ فجر کان پوءِ مدني حلقي جي برڪتن سان مالا مال ٿيندا هئا، پر هاڻي بعض اوقات هفتيواراجتماع ۾ شريڪ نٿا ٿي سگھن، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن جيڪي ڪڏهن هرهفتي علاقائي دورو براءِ نيڪي جي دعوت ۾ شرڪت ڪري گھر گھر، دُڪان دُڪان وڃي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندا هئا، پر هاڻي گناهن جي وڌندڙ سيلاب ۾ مسلمانن کي وهندڙ ڏسڻ جي باوجود به اهو جوشِ ايماني پيدا نٿو ٿئي، اهو جذبو نيڪي جي ان مدني ڪم ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ بيدار نٿو ٿئي، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن جيڪي ڪڏهن مدني قافلي ۾ سفر جي جذبي سان سرشار هڪ هڪ اسلامي ڀاء کي مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ تيارڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ها، هن مدني ڪم جي لاءِ خوب اِنفرادي ڪوشش ڪندا هئا، پر هاڻي ڪو جيڪڏهن مدني قافلن ۾ سفر جي دعوت ڏيندو آهي ته ٽال مٽول ڪري عُذر پيش ڪيو ويندو آهي، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن جيڪي ڪڏهن مدني انعامات تي عمل ڪري سُنّتن جي واضح  تصوير نظر ايندا هئا، پر هاڻي انهن کي