Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

اهو ڪتاب 27 سالن ۾ لکيو ويو، ياد رهي ته 27 سالن جو هي مطلب ناهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هنن سالن ۾، هر وقت تصنيف ۾ مشغول رهيا بلڪه موڪلن ۾ ٻين ڪمن کان وقت بچائي اهو ڪتاب لکيو، جنهن سبب هن جي تڪميل ۾ خاصي تاخير ٿي وئي جيئن پاڻ (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) بهارِ شريعت جي حصّه17 جي اختِتام تي لکن ٿا: هن جي تصنيف ۾ عُمُوماً اهو ئي ٿيو جو رمضان المبارڪ جي تعطيلات (يعني موڪلن) ۾ جيڪو ڪجھ ٻين ڪمن مان وقت بچندو، ان ۾ ڪجھ لکبو هو۔ (تذکرہ صدرُ الشريعہ،ص44 تا 47 بتغير قليل)

رِسالي "تذڪرهٔ صدرُ الشّريعه" ۾ آهي جنهن جو خُلاصو هي آهي ته: صدرُ الشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسائلِ شرعِيه کي بهارِ شريعت جي20 حِصّن ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيو ٿي پر مڪمَّل نه ڪري سگھيا ۽ اها وصيت فرمائي ته جيڪڏهن منهنجي اولاد يا شاگردن يا عُلَماءِ اهلسنّت مان ڪو صاحِب هن جو قليل حصّو جيڪو باقي رهجي ويو آهي، هن جي تڪميل ڪن ته منهنجي عَين خوشي آهي پوءِ صدرُ الشّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو خواب شرمنده ٔ تعبير (يعني پورا) ٿيو ۽ هن جا باقي ٽي (3) حصّا به ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن۔ (تذکرہ صدرُ الشريعہ،ص48)

صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پير و مُرشد يعني اعليٰ حضرت،امام اهلسنّت مولانا شاه احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بهار ِشريعت جي جڏهن ٻئي ٽئي ۽ چوٿين حصي جو مُطالَعَو فرمايو ته ڪجھ تعريفي جملا لکڻ کان پوءِ