Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

ڪري ڏيکاريو ۽ مختلف اسلامي ڪتابن مان اهي مسائل چُونڊي چُونڊي بهارِ شريعت ۾ شامل ڪيا، جن تي فتوي ڏنو ويندو آهي نيز سوين آيتن ۽ هزارين حديثون به مُوضوع جي مناسَبَت سان لکيون آهن۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تحديثِ نعمت جي طور تي خود ارشاد فرمائن ٿا: جيڪڏهن اورَنگزيب عالمگيربادشاه هن ڪتاب (يعني بهارِ شريعت) کي ڏسن ها ته مون کي سون ۾ تورن ها۔

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مقصد هي هو ته ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي دِين جي مسئلن کان بآساني باخبر ٿين جيئن هڪ ٻي هنڌ تي تحرير فرمائن ٿا: هن ڪتاب ۾ جيترو ممڪن ٿيو اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عبارت نهايت آسان هجي جو سمجھڻ ۾ دِقَّت(يعني مشڪل) نه ٿئي ۽ گھٽ علم (حضرات) ۽ عورَتون ۽ ٻار به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھن۔ پوءِ به علم نهايت ڏکي شيء آهي، اهو مُمڪن ناهي ته علمي دُشواريون بلڪل وينديون هليون ضَرور ڪيئي هنڌ اهڙا به رهندا جيڪي اهلِ علم وٽان سمجھڻ جي حاجت ٿيندي، گھٽ مان گھٽ ايترو نَفعو ضَرور ٿيندو جو هن جو بيان انهن کي مُتَـنَبِّه (يعني خبردار) ڪندو ۽ نه سمجھڻ، سمجھ وارن ڏانهن رُجوع جو توجُّه ڏياريندو۔

بهارِ شريعت جي هن عظيم عِلمي ذَخيري کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس اَلْمَدِينَةُ الْعِلْمِية جي مدني عالمن تَخريج ۽ تسهيل ۽ ڪٿي ڪٿي حَواشي لکڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪمل ڪتاب مڪتبةُ المدينه تان شائع ٿي منظرِ عام تي به اچي چڪو آهي۔ سادو ايڊيشن ٽن (3) جلدن ۾ ۽ رنگين جهيز ايڊيشن ڇھ(6) جلدن ۾ مڪتبةُ المدينه تان هديةً حاصل ڪري سگھجي ٿو ۔ هن جي علاوه دعوتِ اسلامي