Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

حضرت مولانا وصي احمد مُحَدِّثِ سُورَتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽان ڪئي۔حضرت مُحَدِّثِ سُورَتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي لائق شاگرد جي اعليٰ صلاحيتن جو اعتراف هنن لفظن ۾ ڪيو:”مون کان جيڪڏهن ڪنهن پڙهيو آهي ته اهو امجد علي آهي“۔

 (تذکرہ صدرُ الشريعہ،ص۵بتغير)

مُصنِّف بھی، مُقرِّر بھی، فَقیہِ عصرِ حاضِر بھی

وہ اپنے آپ میں تھا اِک اِدارہ عِلْم و حکمت کا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

صدرُالشريعه جو علمي ڪارنامو

صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مُفتي محمد اَمجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پاڪ ۽ هند جي مسلمانن تي نهايت وڏو احسان آهي جو انهن ضخيم (وڏن وڏن) عربي ڪتابن ۾ پکڙيل فقهي مسئلن کي تحرير جي لڙي ۾ پوئي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي۔ انسان جي پيدائش کان وٺي وفات تائين پيش ايندڙ هزارين مسئلن جو بيان ”بهارِ شريعت“ ۾ موجود آهي۔انهن مان بي شمار مسئلا اهڙا پڻ آهن جنهن جو سکڻ هر اسلامي ڀاء ۽ اسلامي ڀيڻ تي فرضِ عَين آهي۔ بهارِ شريعت لکڻ جا سبب بيان ڪندي صدر الشريعهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: اُردو زبان ۾ اڃا تائين ڪو اهڙو ڪتاب تصنيف ناهي ٿيو، جيڪو صحيح مسائل تي مشتمل هجي ۽ ضَروريات جي لاءِ ڪافي ۽ وافي هجي۔ فقه حنفي جو مشهور ڪتاب"فتاويٰ عالمگيري"سوين عالم سڳورن عَلَیْهِم رَحْمَةُ اللّٰهِ الْمُبِین حضرت سيدُنا شيخ نظام الدّين مُلّا جِيوَن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نگراني ۾ عَرَبي زَبان ۾ مُرَتَّب فرمايو پر قُربان وڃون صدرُ الشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  تي جن اهو ئي ڪم اُردو زبان ۾ اڪيلي ئي