Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

سندن وفات سفرِ مدينه ۾ ٿي۔

سندن مبارڪ مزار مان پاڪيزه خوشبو ڪيئي ڏينهن تائين محسوس ڪئي وئي۔

سندن نهايت وڏو علمي ڪارنامو هي آهي ته پاڻ اُمّتِ مصطفي کي عالم بنائڻ وارو ڪتاب يعني ’’بهارِ شريعت‘‘ عطا ڪيو۔

جس کے دم سے بہارِ شریعت ملی

ایسے صدرِ شریعت پہ لاکھوں سلام

اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان ”صدرُ الشَّريعه جون دِيني خدمتون“ جي موضوع جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين پر اچو! هن کان پهريان صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف ٻڌون ٿا

صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۱۳۰۰ھ مطابق 1882۾ اوڀر يو پي (هند) جي علائقي مدينةُ العُلَماء گھوسي ۾ پيدا ٿيا ۔ سندن والدِ ماجد حڪيم جمالُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه
۽ ڏاڏا حُضُور خُدا بخش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فَنِّ طِبّ جا ماهر هئا۔ اِبتدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي حضرت مولانا خُدا بخش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان گھر ۾ حاصل ڪئي پوءِ پنهنجي علائقي ئي ۾ مدرَسه ناصرُ العلوم ۾ وڃي مولانا الٰهي بخش صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪجھ تعليم حاصل ڪئي۔ پوءِ جُون پورپهتا ۽ پنهنجي سوٽ ۽ اُستاد مولانا محمد صديق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ڪجھ اَسباق پڙھيا پوءِ استاذُ العُلَماء حضرت علّامه هدايتُ الله خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان علمِ دين جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي ۽ هتان کان درسِ نظامي جي تعليم مڪمل ڪئي ۔ پوءِ دورهء حديث جي تڪميل پيلي ڀيت ۾ اُستاذُ الْمُحَدِّثِين