Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

ساڄو پير ڪڍي ڪري ساڄو جوتو پايو پوءِ کاٻو پائي وٺو۔ ۔([1]) * جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي ۔* ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو: هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو: رسول الله
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورتن تي لعنت فرمائي آهي۔([2]) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي فرمائن ٿا: يعني عورتن کي مرداڻا جوتا نه پائڻ کپن۔ بلڪ اُهي تمام ڳالهيون جن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ امتياز ٿيندو آهي انهن ۾ هر هڪ کي ٻين جي وضع قطع اختيار ڪرڻ (يعني نقل ڪرڻ) جي ممانعت آهي، نه مرد عورت جي وضع اختيار ڪري نه عورت مرد جي۔ ([3])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

تری سُنّتوں پہ چل کر میری روح جب نکل کر

 

چلے تو گلے لگانا مدنی مدینے والے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1] نزہۃ القاری،۵/۵۳۰

[2] ا بو داود، ۴/۸۴،حديث:۴۰۹۹

[3]بہارِشريعت،حصّہ:۱۶،۳/۶۵بتغیر قلیل