Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

بيان ڪرڻ جون نِيّتون

     آئون به نِيّت ڪريان ٿو * الله جي رِضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيان ڪندس * ڏسي بيان ڪندس * سيپاري 14 سورة النحل آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ 
ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صدر الشّريعه جي شان ۽ عظمت جون ڪجھ جھلڪيون

صدر الشّريعه جي شان ۽ عظمت جو اندازو هن ڳالھ مان به ٿئي ٿو جو سيدي اعليٰ حضرت جهڙي مجدّدِ دِين وملّت،امامِ اهلسنّت اوهان کي هند جو قاضي اسلام مقرر فرمايو۔

صدر الشّريعه جي شان ۽ عظمت جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳايو جو اعليٰ حضرت اوهان کي پنهنجي خلافت عطا فرمائي هئي۔