Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

تحريري فتويٰ به طلب ڪري سگھجي ٿو ۽ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي دارالافتاء اهلسنّت آن لائن جي سهولت به موجود آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 100 فيصداسلامي چينل"مدني چينل" تي به دارالافتاء اهلسنّت جا سلسلا علمِ دين سان مالا مال قيمتي مدني گل پنهنجي خوشبوئون لٽائي رهيا آهن۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مَچی ہو

(وسائلِ بخشش مُرمّم،۳۱۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي مڪي مدني آقا صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِمَامُ الاَنْبِياء جي مرتبي تي فائز هئڻ جي باوجود ايتري قدر عاجزي ۽ انڪساري وارا هئا جو پنهنجي گھر جي ڪم ڪار ۾ به اڳتي وڌي حصو وٺندا هئا جيئن

حضرت سَيدُنا ابو سعيد خُدري رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ     ارشاد فرمائن ٿا:حضور نبي ڪريمصَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھريلو ڪم پاڻ پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪندا هئا، پنهنجي خادمن سان گڏ ويهي ماني کائيندا هئا ۽ گھر جي ڪمن ۾ پنهنجي خادمن جي مدد به ڪندا هئا۔ (الشفاء ، فصل واما تو اضعہ،۱/۱۳۲مفہوماً)

اسان جا اسلافِ ڪرام عَلَیْهِم رَحْمَةُ اللّٰهِ السَّلَام به سُنّتن تي عمل جا شيدائي هوندا هئا تنهن ڪري سنّت تي عمل جي جذبي جي تحت اهي حضرات گھر جو ڪم ڪار به خوشي خوشي پنهنجن هٿن سان سرانجام ڏيندا هئا جيئن ته حُجَّةُ الْاِسْلَام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمايو: هڪ تابعي بزرگ فرمائن ٿا: مون اميرُ الْمُؤمِنِين حضرت سَيدُنا علي المُرتَضٰي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجْهَهُ الْکَرِیْم کي ڏٺو ته پاڻ کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجْهَهُ الْکَرِیْم هڪ هڪ دِرهم جو گوشت