Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

لڙڪ وهڻ لڳا ۽ فرمايائون ته صدرُ الشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو ڪو گھر نه بڻايو بريلي ئي کي پنهنجو گھر سمجھيو۔ اهي صاحبِ اثر به هئا ۽ شاگردن جي وڏي تعداد جا اُستاذ پڻ، اهي چاهن ها ته آساني سان ڪو ذاتي دار العلوم اهڙو کولي وٺن ها جنهن ۾ اهي اڪيلا ئي قابض رهن ها پر انهن جي خلوص ائين ڪرڻ نه ڏنو۔ دار العلوم مُعِينِيه عُثمانيه (اجمير شريف) ۾ اتي جا صدرُ المدَرِّسين ٿي جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پهتا ۽ اتي جي ماڻهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اندازِ تدريس(يعني پڙھائڻ جي انداز) سان گھڻا متأثر ٿيا ته پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سامهون ان جو ذِڪر ٿيو ته اوهان جي تعليم نهايت ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهي آهي اهو مرڪزي دارالعلوم سر بلند ٿيندو پيو وڃي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: ”اهو مون تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فضل ۽ڪرم آهي۔“ (تذکرۂ صدرُ الشریعہ،ص۲۴-۲۳)

احمد رضا نے جس کو دعا میں کہا میرا

 

امجد یقیناً مجد میں پکا ہے آج بھی

ثابت کیا ہے صدرُ الشّریعہ نے بالیقین

 

احمد رضا کی شمع فروزاں ہے آج بھی

(آدابِ مرشدِ کامل،ص۲۳۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دارُ الاِفتا اهلسنت جو قِيام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت،اَمِيرِاَهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوِي ضِيائي
 دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي فيضانِ نظر سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 15 شَعبانُ الْمُعَظَّمْ۱۴۲۱ ھ تي تبليغِ قرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تَحريڪ دعوتِ اسلامي جي تَحت دارُالاِفتا اَهلسنّت جو آغاز ٿيو، اهي سٽون لکڻ تائين ان جون 10شاخون قائم آهن، ڏکويل اُمّت جي شرعي رَهنمائي جو سلسلو جاري و ساري آهي، دارُالاِفتا اَهلسنّت ۾ نه صرف ملاقات ڪري سگھجي ٿي بلڪه