Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

عورَتون ۽ ٻار به هن مان فائده حاصل ڪري سگھن“۔ * بهارِ شريعت ۾ جابجا فرض عُلُوم سان گڏ، قُرآني آيتن جا اَنوار، احاديثِ مبارڪه جا گُلزار ۽ هر حصّي ۾ پکڙيل بي شُمار خُوشبودار شَرعي مَسائل پنهنجي مهڪ لُٽائي رهيا آهن۔ * بهارِ شريعت کي پڙھڻ سان نه صِرف دل و دِماغ روشن ٿيندا آهن بلڪه ڪيئي مُعامَلات ۾ شَرعي رَهنُمائي به نصيب ٿيندي آهي۔* بهارِ شريعت ساده ايڊيشن ٽن(3) جلدن ۾ ۽ رنگين جهيز ايڊيشن ڇھ (6) جلدن ۾ مڪتبة المدينه تان هديةً حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ * بهارِ شريعت کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ(يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخ طريقت،اميرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطاؔر قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا سچا پيروڪار ۽ عقيدت مند ۽ سندن دِيني خدمتن کي نهايت قدر جي نگاه سان ڏسندا آهن اهو ئي سبب آهي جوپاڻ دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو به ديني ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو معمول آهي جڏهن ته پنهنجي مريدن ۽ لاڳاپيلن ۾ پنهنجي سُنّتن ڀرين بيانن ۽ مدني مذاڪرن جي ذريعي خدمتِ دين جي لاءِ انهن کي به وقت بوقت مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏياريندا رهندا آهن ۽ انهيءِ مقصد جي تڪميل جي لاءِ پنهنجي اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 مدني انعامات ۾ اهڙي طرح جو هڪ سوال به شامل فرمايو آهي جيئن مدني انعام