Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

طريقت،امير اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو تحريري رسالو ”تذڪرهٔ صدرُ الشريعه“ جو مطالعو فرمايو ۽ صدرالشّريعه جي دِيني خدمتن جو صحيح اندازو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان بهارِ شريعت جو مطالعو ڪنداسين ، بهارِ شريعت ۾ ڇا آهي ٻڌو۔

بهارِ شريعت جو تعارف

* بهارِ شريعت،صَدرُالشَّريعه، بدرُ الطَّريقه مُفْتي محمد اَمجد علي اَعْظَمي
رَحْمَۃُ اللہِ تعالیٰ عَلَیْہ جي علمي ڪارنامن ۾ سرِ فهرست آهي۔ * بهارِ شريعت، کوڙ سارن علمن جو مجموعو (Encyclopedia) آهي۔ * بهارِ شريعت، اُردُو زبان ۾ عَقائد کان وٺي مُعاملات تائين جي تمام ضَروري مَسائل جو مجموعو آهي۔* بهارِ شريعت ۾ سوين آيتون ۽ هزارين حديثون به موضوع جي مُناسَبَت سان لکيل آهن ۔* بهارِ شريعت ۾ حتي الامڪان اهي اقوال بيان ڪيا ويا آهن جن تي فتويٰ ڏنو ويندو آهي۔* بهارِ شريعت،پاڪ ۽ هند جي مُسلمانن تي صَدرُالشَّريعه جو تمام وڏو احسان آهي جو ڪيئي فِقْهي مَسائل کي هڪ هنڌ تي گڏ ڪيو ويو آهي ۔* بهارِ شريعت ۾ بي شُمار مَسائل اهڙا به آهن جنهن جو سکڻ هر اسلامي ڀاء ۽ اِسلامي ڀيڻ تي فرضِ عَين آهن۔ * بهارِ شريعت جي حوالي سان صَدرُ الشَّريعه رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہ فرمائن ٿا: اُردو زبان ۾ اڃا تائين ڪو اهڙو ڪتاب تصنيف ناهي ٿيو، جيڪو صحيح مسائل تي مشتمل هجي ۽ ضَروريات جي لاءِ ڪافي هجي۔* بهارِ شريعت ۾ وس آهر اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عِبارَت نهايت آسان هجي ته جيئن سمجھڻ ۾ دِقَّت نه ٿئي ۽ گھٽ علم ۽