Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

سان گڏ بيهاريو ويندو ،جيئن ڪنهن شريف ماڻهو کي ذليل سان گڏ ويهاريو وڃڻ ان جي ذِلّت آهي۔ خيال رهي ته قيامت ۾ هر شخص جو حشر ان سان گڏ ٿيندو، جنهن سان ان کي دنيا ۾ محبت هئي ۽ جهڙي طرح جا اهو ڪم ڪندو هو۔ بي نمازي (نماز نه پڙهي) جيئن ته ڪافرن جھڙا ڪم ڪري ٿو ان ڪري ان جو حشر به انهن سان گڏ ٿيندو، نمازي جيئن ته انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام  ۽ صِدِّيقِن رَحْمَۃُاللّٰہِتَعَالٰی عَلَیْہِمْ اَجْمَعِیْن  جي نقل ڪندو آهي لهٰذا ان جو حشر انهن سان گڏ ٿيندو، ان ڪري چيو ويندو آهي ته چڱن جي نقل به چڱي ۽ بُرن جي نقل به بُري۔ (مرآۃ المناجیح،۱/۳۶۸-۳۶۷ملتقطاً وبتغیر قلیل)

بعض عالم سڳورن ارشاد فرمايو: نماز ڇڏڻ وارو انهن چئن (4) (يعني فرعون، قارون، هامان ۽ اُبي بن خَلَف) سان گڏ ان ڪري اٿاريو ويندو جو ماڻهو عام طور تي دولت، حڪومت، وَزارت ۽ تِجارت جي ڪري نماز کي ڇڏي ڏيندا آهن. ۽ جيڪڏهن ان پنهنجي مال ۾ مصروف هئڻ سبب نماز ڇڏي ته اُن جو حشرقارون سان گڏ ٿيندو، جيڪو حڪومت جي مَشغُولِيّت جي سبب نماز ڇڏي ان جو فرعون سان حشر ٿيندو، وَزارت جي سبب نماز ڇڏي ته ان جو حشر( فرعون جي وزير) هامان سان گڏ ٿيندو ۽ جيڪڏهن تجارت جي سبب نماز ڇڏي ته ان جو حشر مَڪهٔ مڪرَّمه جي تمام وڏي ڪافِر واپاري اُبَي بِن خَلَف سان گڏ ٿيندو

 (الزواجر عن اقتراف الکبائر،الکبیرۃ السابعۃ السبعون:تعمد تاخیر الصلاۃ …الخ ،۱/۲۸۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ديني خدمتن ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت ۽ ڪردار بابت وڌيڪ معلومات جي لاءِ شيخ