Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

ضروري اِستعمال * ماڻهن سان غير ضروري ميل جول* فُضُول گفتگو (يعني جنهن جو نه ڪو دِيني فائدو هجي يا نه دُنيوي) ۾ لڳل رهڻ * روزمَرّه جي معمولات جو جائزه نه وٺڻ *خلوت نشيني کان اِجتناب (يعني الڳ ٿلڳ رهڻ کان بچڻ) * وڌيڪ سمهڻ * ڄاڻي واڻي سُستي ڪندي معاملات ۾ تاخير ڪرڻ * ڪنهن کان ڪجھ سکي يا ٻين جي تجربن کان فائدو وٺڻ جي بدران هر شيءِ جو پاڻ تجربو ڪرڻ (ڇوته اهڙي طرح وقت ڪافي صَرف ٿيندو آهي جڏهن ته ڪنهن جي تجربن کان فائدو کڻڻ ۾ وقت جي بچت ڪري سگھجي ٿي) * طي شده وقت تي ڪم ختم نه ڪرڻ * وقت هئڻ جي باوجود به وقت جي ڪمي بابت دانهون ڪرڻ * بُري دوستي ۽ بُري صحبت ۾ رهي وقت کي برباد ڪرڻ وغيره۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح جي معاملات ۾ مشغول رهڻ واري غالب اڪثريت نماز جهڙي اهم فرض کي به مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ ترڪ ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي شرمندگي محسوس ناهي ڪندي۔ ياد رکو! بِلا وجه شرعي نماز نه پڙھڻ گناهه ۽ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔احاديثِ مبارڪه ۾ نماز ڇڏڻ بابت سخت ترين وعيدون بيان ڪيون ويون آهن۔ اچو! بطورِ عبرت نماز ڇڏڻ بابت هڪ حديثِ پاڪ ۽ ان جي شرح ٻڌون ٿا، ٻڌو ۽ خوفِ خدا مان ڏڪي وڃو جيئن ته

نبي ڪريم صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: “جيڪو شخص پنجن (فرض) نمازن جي حفاظت ڪندو ان جي لاءِ نماز قِيامت جي ڏينهن نور، دليل ۽ ڇوٽڪارو هوندي ۽ جيڪو ان جي حِفاظت نه ڪندو ان جي لاءِ قِيامت جي ڏينهن نه نور هوندو ۽ نه دليل ۽ نه ئي ڇوٽڪارو ۽ اهو شخص